سري لنڪا ۾ سائڪلون دتوا سبب تيز برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ھن وقت تائين 123 ماڻھو مري ويا آھن ۽ 130 کان وڌيڪ لاپتا آھن.
سري لنڪا جي ڈیزاسٽر مئنيجمينٽ سينٽر موجب فوج جي مدد سان امدادي ڪارروائيون جاري آهن، گذريل ھفتي کان 43,995 متاثر ماڻھن کي رياستي فلاحي مرڪزن ۾ منتقل ڪيو ويو آھي.
محڪمي جي سربراھ مطابق، اھو موسمي نظام ٻيٽ تان نڪري ڀارت ڏانھن وڃي رھيو آھي، جڏھن بہ اڳ ئي وسيع پيماني تي تباهي مچائي چڪو آھي.
طوفان اربع کان شروع ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ رڪارڊ برساتون ٿيون.
حڪام ڪلاني ندي جي ڪناري رھائش پذير ماڻھن کي علائقو خالي ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي.