ڪابينه جي ميمبرن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، اسان نااهل حڪومت کي گهر اماڻيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: (اربع 20 اپريل 2022ع) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينه جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو اتحاد ذاتي پسند ناپسند نه آهي. اسان کي مٿانهون ٿي ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جي خدمت ڪرڻي آهي. رپورٽ موجب وفاقي ڪابينه جو پهريون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وفاقي ڪابينه ۾ شامل ميمبرن شرڪت ڪئي. وفاقي ڪابينه کي ملڪي معيشت ۽ امن امان سميت مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي وفاقي ڪابينه جي ميمبرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪابينه ميمبرن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اسان وڏي محنت سان هڪ نااهل حڪومت کي گهر اماڻيو آهي. هن چيو ته تجربيڪار ماڻهو ڪابينه ۾ آهن جنهن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. اوهان جي قيادت جو ٿورو ادا ڪريان ٿو جنهن اوهان کي اهي ذميواريون ڏنيون. عوام جون اميدون اوهان سان آهن. هن چيو ته اسان غربت ۽ مهانگائي جهڙي اهم مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. اهڙين حالتن خلاف جنگ ۾ گذريل حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي قوم جي مفاد لاءِ بهترين فيصلا ڪرڻا پوندا. سمورين وڏين پارٽين جو گڏ ٿيڻ پاڪستان جي تاريخ جو وڏو اتحاد آهي. ڪهڙا اهي قدم آهن جيڪي عوام جي بهترين مفاد لاءِ هوندا.

هن چيو ته بلوچستان صوبي جا ڪهڙا مسئلا آهن ان تي اسان کي ڌيان ڏيڻو پوندو. ٻين صوبن جي مسئلن تي به ڌيان ڏيڻو پوندو. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته زهريلي پروپگينڊا کي حقيقتن جي مدد سان جواب ڏيڻو پوندو. ساڍن ٽن سالن ۾ جيڪا ڪرپشن عروج تي هئي ان کي هاڻ ختم ڪرڻو آهي. هن چيو ته جڏهن سياست جو موقعو ايندو تڏهن سيات ٿيندي رهندي پر هن وقت اسان جي اتحاد جو مقصد ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي.

April 20, 2022 at 11:20 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open