آءِ ايم ايف سان تعاون ۽ تعلق برقرار رکڻ چاهيون ٿا: مفتاح اسماعيل

لاهور:(سومر 18 اپريل 2022ع) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) سان ستين جائزي بابت ڳالهيون اڄ ٿينديون. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته هن وقت آءِ ايم ايف سان اجلاس لاءِ تياريون ڪري رهيو آهيان.
آءِ ايم ايف سان تعاون ۽ تعلق برقرار رکڻ چاهيون ٿا. ٻئي طرف ذريعن ٻڌايو آهي ته ستين جائزي جي منظوري لاءِ آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي ته تيل جون قيمتون ۽ پيٽروليم ليوي وڌائي وڃي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف انڪم ٽيڪس سليب ۾ هيٺ مٿانهين جو مطالبو به ڪري رهيو آهي. جڏهن ته آءِ ايم ايف جي مختلف شعبن کي پاڪستان جي حڪومت کي ڏنل سبسڊي تي به اعتراض آهي.
ذريعن موجب توانائي جي قيمتن ۾ به واڌ به آءِ ايم ايف جي مطالبن ۾ شامل آهي. ستين جائزي جون ڳالهيون ڪامياب ٿيون ته پاڪستان کي 1 ارب ڊالر جي قسط جاري ڪئي ويندي.

April 18, 2022 at 11:20 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open