حمزه شهباز جي حلف برداري نه ٿيڻ تي(ن) ليگ لاهور هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور: (سومر 18 اپريل 2022ع) حمزه شهباز جي بطور پنجاب جي وڏي وزير طور تي حلف برداري نه ٿيڻ تي(ن) ليگ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
رپورٽ موجب نئين چونڊيل پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جي حلف برداري نه ٿيڻ جي معاملي تي مسلم ليگ(ن) قانوني رستو اختيار ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
مسلم ليگ(ن) جي قانوني ٽيم ان حوالي سان پٽيشن تيار ڪري ورتي آهي جيڪا سڀاڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي ويندي جنهن جي ذريعي استدعا ڪئي ويندي ته عدالت جلد کان جلد پنجاب جي وڏي وزير جي حلف برداري جو حڪم ڏئي.

April 18, 2022 at 11:17 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open