گهڻن ڏينهن تائين پيٽروليم شين جون قيمتون ساڳيون نٿا رکي سگهون: وزيراعظم

اسلام آباد: (ڇنڇر 16 اپريل 2022ع) حڪمران اتحاد جي پارلياماني پارٽي جي گڏيل اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب حڪمران اتحاد جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اڄ وفاقي ڪابينه جي پهرين مرحلي جا نالا فائنل ٿي ويندا.
ڪابينه جي پهرين مرحلي ۾ سمورين اتحادي پارٽين کي نمائندگي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ جي يو آءِ جي شاهده اختر علي کي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر بنائڻ تي صلاح مشورا ڪيا ويا. ذريعن موجب اجلاس ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون برقرار رکڻ تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جي تعريف ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گهڻن ڏينهن تائين پيٽروليم شين جون قيمتون ساڳيون نٿا رکي سگهون. قيمتون ساڳيون رکڻ سان ناڻي تي 36 ارب روپين جو بار پيو.
ياد رهي ته وزيراعظم پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري رد ڪري ڇڏي هئي. سندس چوڻ هو ته عوام تي وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون. حڪومت پيٽروليم شين جون قيمتون برقرار رکي بار پاڻ برداشت ڪندي.

April 16, 2022 at 11:04 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open