وزيراعظم شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير جي ملاقات، ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ پاڻي منصوبن تي بريفنگ

وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف پنهنجي هڪ ڏينهن جي دوري تي صوبائي گادي واري شهر ڪراچي پهچي ويو جتي هن جي سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي آهي. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي باضابطه ملاقات ٿي آهي. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ حڪومت جي ميگاپراجيڪٽس بابت آگاهه ڪيو. وڏي وزير اڳوڻي حڪومت پاران سنڌ جي لاءِ مقرر ڪيل رقم ۾ ڪٽوتين بابت به وزيراعظم کي ٻڌايو. وزيراعظم وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت صوبن جا خدشا ختم ڪندي هن چيو ته معاشي صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون.
ملاقات کان پوءِ سنڌ جي ترقياتي پروگرامن سميت وفاق ۽ سنڌ جي مسئلن بابت اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت وزيراعظم شهباز شريف ڪئي. اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مفتاح اسماعيل، اڪرم دراني، مريم اورنگزيب، خالد مقبول صديقي، خواجه اظهار، ڪنور نويد ۽ مولانا اسد به شامل آهن. اجلاس ۾ چيئرمين واپڊا، چيئرمين ريلويز، چيئرمين اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر به موجود آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عهدو سنڀالڻ کان پوءِ سنڌ جو دورو ۽ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏيڻ تي خوش آهيان، اسان کي هن ملڪ کي ملي خوشحال ۽ پرامن بنائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته 10 اپريل پاڪستان جي تاريخ جو وڏو ڏينهن هو، 10 اپريل تي آئين جي فتح ٿي هڪ ڌانڌلي واري حڪومت جو خاتمو ٿيو، پاڪستان جي ترقي تڏهن ٿيندي جڏهن سمورا صوبا ترقي ڪندا. ملڪ ۾ بيروزگاري، مهانگائي ۽ ٻيا مسئلا آهن اسان کي ان جو حل ڪڍڻو آهي.

April 14, 2022 at 8:55 am

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open