پيٽروليم شين جون قيمتون پنجٽيهه روپيه في ليٽر وڌائڻ جي سفارش

اسلام آباد: (جمعو 08 اپريل 2022ع) پيٽروليم ڊويزن ملڪ ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون 35 روپيه في ليٽر تائين وڌائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. پيٽروليم ڊويزن پيٽروليم شين جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي هنگامي بنيادن تي سمري ڪابينه کي اماڻي ڇڏي آهي جنهن ۾ پيٽرول فوري طور تي 27 روپيه ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 35 روپيه في ليٽر تائين مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
سمري ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي ته قيمتون برقرار رکڻ سان 30 جون تائين تقريبن 200 ارب روپين کان وڌيڪ جو بار حڪومت کي برداشت ڪرڻو پوندو. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان مالي سال ۾ وڌيڪ قيمتون نه وڌائڻ جو اعلان ڪيو هو. سمري جي متن موجب پهرين مارچ کان 31 مارچ تائين قيمتون برقرار رکي 11 ارب 73 ڪروڙ روپين جي سبسڊي ڏني وئي.
جڏهن ته توانائي واري وزارت اپريل جي لاءِ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي سبسڊي جي مد ۾ 55 ارب روپين جي سمري اي سي سي ڏانهن اماڻي. پر اي سي سي اپريل جي لاءِ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي سبسڊي جي باضابطه طور منظوري ناهي ڏني. سمري ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي گهرج وڌي رهي آهي. ادائيگيون نه ٿيڻ سبب سپلاءِ متاثر ٿي سگهي ٿي.

April 8, 2022 at 7:26 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open