عدالتي فيصلي جي ڪاپي سيڪريٽريٽ کي ملي وئي، قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي صبح ساڍي ڏهين وڳي ٿيندو

اسلام آباد: (جمعو 08 اپريل 2022ع) سپريم ڪورٽ جي گذريل ڏينهن جي فيصلي کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس ڇنڇر 9 اپريل جي صبح ساڍي 10 وڳي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن ٻڌايو آهي ته سپريم ڪورٽ جي گذريل ڏينهن واري فيصلي جي ڪاپي قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري کي ملي وئي آهي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو ڌار اجلاس نه گهرايو ويندو. هلندڙ شيڊول موجب ڇنڇر تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو. ذريعن موجب قومي اسيمبلي اجلاس جو ايجنڊا ڪجهه دير ۾ جاري ڪيو ويندو.
گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي 3 اپريل واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي قومي اسيمبلي کي پراڻي حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ بي اعتمادي رٿ لاءِ ٻيهر اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏنو هو. سپريم ڪورٽ اهو حڪم به ڏنو هو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 9 اپريل صبح ساڍي 10 وڳي تائين گهرايو وڃي.

April 8, 2022 at 7:24 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open