عمران خان آئين سان جيڪو ڪيو اهو جيڪڏهن ٻيو سياستدان ڪري ها ته کيس ڦاهي چاڙهيو وڃي ها: مريم نواز

لاهور: (اربع 06 اپريل 2022ع) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان آئين سان جيڪو ڪيو اهو ڪو ٻيو سياستدان ڪري ها ته کيس ڦاهي تي چاڙهيو وڃي ها.
مريم نوازشريف ٽوئيٽ ڪندي چيو ته حيرت جي ڳالهه اها ناهي ته عمران خان گرفتاري کان بچڻ لاءِ ملڪ، آئين، قانون، قائدا، طريقيڪار جو تماشو لڳايو، بدمعاش ته ائين ئي ڪندا آهن. پر تڪليف ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته هو اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ باوجود هو آرام سان گهمي ڦري رهيو آهي. ڪو ٻيو سياسي اڳواڻ جيڪڏهن ائين ڪري ها ته کيس ڦاهي تي چاڙهيو وڃي ها.
هن چيو ته عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جو سياسي مستقبل ته هاڻ انشاءَالله ختم ٿي چڪو آهي. پر پرويز الاهي کي عمران خان جي ڏوهه ۾ ڀائيوار نه بنجڻ گهرجي. پرويز الاهي کي خبر آهي ته عمران خان جا اهي حربا هاڻ گهڻو وقت نه هلندا. سمجهه کان ٻاهر آهي ته هڪ سياسي ماڻهو هارايل بازي ڇو کيڏندو.

April 7, 2022 at 6:54 am

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open