انصاف ۾ دير ڪرڻ، انصاف نه ڏيڻ جي برابر آهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: (اربع 06 اپريل 2022ع) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن بغاوت ۾ 30 سيڪنڊ لڳن ٿا ته ان جي تدارڪ ۾ به 30 سيڪنڊ لڳڻ گهرجن. انصاف ۾ دير انصاف نه ڏيڻ جي برابر آهي.
سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ بلاول چيو ته اسلام آباد ۾ گذريل هفتي آئيني بحران کان پوءِ اڄ پنجاب ۾ ڊپٽي اسپيڪر کي وڏي وزير جي چونڊ واري ڏينهن اسيمبلي کان ٻاهر ڪڍيو ويو. عوامي نمائندن ايوان طرف ڪنڊيدار تارون لڳائي ڇڏيون آهن.
هن ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته عمران خان کي هاڻ سندس مايوس ڪندڙ قدم به نٿا بچائي سگهن. هنن جي حڪومت وڃي چڪي آهي. سليڪٽڊ راڄ جو خاتمو ٿي ويو آهي.
بلاول چيو ته عمران خان کي غير جمهوري طريقي سان آندو ويو. هن ڪيئن ڀڄندي آئين کي ٽوڙيو اهو عوام ڏسي رهي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه تاريخ ۾ لکيو ويندو.

April 7, 2022 at 6:53 am

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open