نگران وزيراعظم لاءِ شهباز شريف مشاورت نه ڪئي ته اسان جو نالو فائنل هوندو: فواد چوڌري

اسلام آباد: (سومر 04 اپريل 2022ع) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز شريف نگران وزيراعظم جي مشاورت جو حصو نٿو بڻجي ته سندس مرضي اسان ٻه نالا ڏئي چڪا آهيون. 7 ڏينهن دوران اسان جي ڏنل نالن مان هڪ جي چونڊ ٿي ويندي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته چونڊن کان ڀڄڻ هاڻ ممڪن ناهي. 90 ڏينهن ۾ ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن. پاڪستان جا ماڻهو هن وقت چونڊن لاءِ تيار آهن. فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ٿي ته مزاحمت ڪنداسين. اپوزيشن احتجاج جي ڳالهه نه ڪري. عمران خان احتجاج جو سڏ ڏنو ته گهرن ۾ رهڻ مشڪل ٿي ويندو. هن چيو ته خط جا وڌيڪ تفصيل عوام جي سامهون ناهن رکيا. اسان جي لاءِ ملڪ جو مفاد پهريان آهي. اپوزيشن طرفان ان معاملي تي جيتري گهٽ ڳالهه ٻولهه ٿئي اوترو سندن لاءِ فائديمند آهي.

ياد رهي ته صدر عارف علوي وزيراعظم عمران خان ۽ شهباز شريف جي نالي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسيمبلي ٽٽڻ جي 3 ڏينهن دوران ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق نه ٿيو ته ٻنهي شخصيتن جا نالا ڪميٽي ڏانهن اماڻينداسين. صدر پاران خط ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ۽ اپوزيشن اڳواڻ نگران وزيراعظم جي لاءِ هڪ هڪ نالي تي متفق نه ٿيا ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر 8 ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي ٺاهيندو جنهن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي جا ميمبر شامل هوندا جڏهن ته ڪميٽي اڳوڻن قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽ ميمبرن تي ٻڌل هوندي.
هوڏانهن صدر عارف علوي جي خط بابت سوال تي شهباز شريف چيو آهي ته صدر، عمران خان ۽ ڊپٽي اسپيڪر آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ صدر جي خط جو جواب ڪيئن ڏئي سگهان ٿو.

April 5, 2022 at 2:50 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open