آمريڪا روس جو دورو ملتوي نه ڪرڻ تي عمران خان کي سزا ڏني: روسي پرڏيهي وزارت

ماسڪو: (اڱارو 05 اپريل 2022ع) روسي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته آمريڪا روس جو دورو ملتوي نه ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان کي سزا ڏني. روسي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ ان جي اولهه جي اتحادين فيبروري ۾ روس جو دورو ملتوي ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان مٿان دٻاءُ وڌو هو.
روسي پرڏيهي وزارت وڌيڪ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي روس جي دوري بابت آمريڪي نائب پرڏيهي وزير ڊونلڊ ليو واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفير کي طلب ڪري دورو ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن کي رد ڪيو ويو. ان حوالي سان روس جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي روس جي دوري کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال واضح آهي آمريڪا ڳالهيون نه مڃڻ تي نافرمان عمران خان کي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

وزيراعظم جي پنهنجي پارٽي جو هڪ گروپ اوچتو اپوزيشن ۾ هليو ويو ۽ پارليامانيٽ ۾ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي وئي. روسي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اها آمريڪا طرفان آزاد رياست جي معاملن ۾ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ شرمناڪ مداخلت جي ڪوشش آهي.

April 5, 2022 at 2:47 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open