پنجاب ۾ گورنر راڄ ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ جون افواهون شروع ٿي ويون

لاهور: (سومر 04 اپريل 2022ع) پنجاب ۾ گورنر راڄ ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ جون افواهون شروع ٿي ويون آهن. جڏهن ته اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف اهڙي ڪنهن به قدم خلاف مزاحمت جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب وفاق ۾ اسيمبليون ٽوڙڻ کان پوءِ هاڻ وزيراعظم عمران خان پنجاب جي نئين سياسي صورتحال تي صلاح مشوري جي لاءِ پنجاب جي نئين گورنر عمر چيمه کي اسلام آباد طلب ڪري ورتو آهي. جنهن کان پوءِ پنجاب ۾ گورنر راڄ ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ جون افواهون شروع ٿي ويون آهن. جڏهن ته اپوزيشن صلاح مشوري لاءِ رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن.

پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ حمزه شهباز شريف چيو آهي ته پنجاب جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. حڪومت ڪوبه غيرآئيني قدم کڻي سگهي ٿي. پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ جي ڪنهن به ڪوشش تي مزاحمت ڪنداسين. ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حمزه شهباز جي پيپلز پارٽي، ترين گروپ، عبدالعليم خان گروپ ۽ ٻين سان صلاح مشورا جاري آهن ۽ متحده اپوزيشن گورنر راڄ تي سخت رد عمل ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

مسلم ليگ(ن) پنهنجي اسيمبلي ميمبرن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. عليم خان گروپ ۽ ترين گروپ کي به ساٿ ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي. ذريعن موجب متحده اپوزيشن 6 اپريل تائين گڏ رهڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي تحت گڏ هلڻ تي اتفاق ٿيو آهي ۽ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن پنجاب اسيمبلي ۾ 6 اپريل تي ووٽنگ ٿي ته سمورا ميمبر گڏجي اسيمبلي ويندا.

April 4, 2022 at 11:13 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open