هاڻ فيصلو بي اعتمادي رٿ نه، پاڪستان جي مستقبل جو ٿيڻو آهي: اسد عمر

اسلام آباد: (جمعو 01 اپريل 2022ع) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿئي ٿي يا ناڪام ان ۾ باقي هڪ ڏينهن رهجي ويو آهي. جڏهن ته ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ عوام تحريڪ انصاف کي چونڊي ورتو آهي. پريس ڪانفرنس دوران وفاقي وزير اسد عمر چيو هو ته 3 سالن ۾ 55 کان 57 لک ماڻهن کي روزگار ڏنو ويو. 11 لک ماڻهن کي پرڏيهه ۾ نوڪريون ڪرڻ جا موقعا ڏنا ويا. ن ليگ کان تحريڪ انصاف جي روزگار جي سالياني شرح 82 سيڪڙو وڌيڪ آهي. نوجوانن کي روزگار جي فراهمي بابت اسان ڳالهه ڪئي ته ان جو مذاق اڏايو ويو. پاڪستان ۾ نوجوانن جي آبادي وڌيڪ آهي. اسان جي اولين ترجيح روزگار جي فراهمي رهي. جيستائين معيشت جي رفتار تيز نه ٿيندي روزگار جا موقعا نه ملندا.
وفاقي وزير چيو ته اسان جي پاليسي سبب 2 سالن دوران زراعت ۾ ترقي ٿي. ڪڻڪ، چانور، پٽاٽن ۽ سمورين وڏين فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي. آبادگارن کي فصلن جون بهتر قيمتون به ملي رهيون آهن. تحريڪ انصاف چانورن تي 900 روپيه مڻ جو اضافو ڪيو آهي. فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل جون مشينون وڪامي رهيون هيون، هاڻ فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ۾ ماڻهو گهٽ ٿي ويا آهن. ن ليگ 5 سالن دوران صرف 100 روپيه في مڻ جو اضافو ڪيو. فيصل آباد ۾ ڪجهه وقت اڳ هڪ لوهه جي سريئي جي اگهه ۾ مشينري وڪرو ٿي رهي هئي. جيڪو واعدو ڪيو هو ان جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. اسد عمر چيو ته سموري دنيا ڪورونا جي وبا ۾ آئي، اسان مشڪل وقت ۾ بهتر فيصلا ڪيا، 2 سالن دوران اسان 32 لک روزگار جا موقعا ڏنا، ڪورونا جو جهڙي طرح اسان مقابلو ڪيو. ان جي سموري دنيا تعريف ڪئي.

April 1, 2022 at 8:05 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open