چين پاران فلسطين ۾ انساني بحران کي ختم ڪرڻ ۽ خوراڪ جي قلت واري صورتحال کي بهتر بنائڻ جي لاءِ فلسطين کي هڪ سئو ملين آمريڪي ڊالرن جي مالي مدد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي خبرن جي ايجنسي جي مطابق، چين جي صدر شي جن پنگ جي طرفان ڪيل هن امداد تي فلسطيني صدر محمود عباس دلي گهرائي سان سندس ٿورا مڃيا ۽ چيو ته چيني صدر جو هي سخي عطيو ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ مضبوط دوستي ۽ انصاف جي لاءِ چين جي پختي ارادي جو مظاهرو ڪري ٿو.
رپورٽ موجب، صدر محمود عباس عالمي سطح جي فورمز تي فلسطين جي مدد ڪرڻ تي چين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فلسطين بين الاقوامي قانون جي بنياد تي منصفاڻي ۽ جامع امن جي قيام جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.