پاڪستان ۾ ھن سال جو آخري سپر مون اڄ ڏسڻ ۾ ايندو.
اسپارڪو جي مطابق سال 2025 جو آخري سپرمون اڄ شام 4 بجي 58 منٽن تي شروع ٿيندو، جيڪو سڀاڻي صبح 4 بجي 15 منٽن تي پنھنجي عروج تي پھچندو.
اڄ جو سپرمون 2025 جو آخري ۽ سال جو ٽيون سپرمون ھوندو.
سپر مون شام جي وقت اوڀر طرف طلوع ٿي رات جي آسمان ۾ سڀ کان مٿي نظر ايندو. ڊسمبر جي سپر مون کي “ڪولڊ مون” بہ چيو ويندو آھي. ان جو نالو “ڪولڊ مون” ان ڪري رکيو ويو آھي ڇاڪاڻ تہ اھو سال جي سرد ۽ اونداھين موسم ۾ طلوع ٿيندو آھي.
ماھرن جي راءِ موجب اھو سپر مون پھريان ڏٺل سپر مونز کان وڏو ھوندو، ۽ صاف رات تي آسمان ۾ آساني سان ڏسي سگھجي ٿو. جيتوڻيڪ انساني اک سان ان جي حجم ۾ معمولي فرق محسوس ڪرڻ مشڪل ٿي سگھي ٿو.
اسپارڪو جي مطابق ھن سپر مون جو حجم عام فل مون جي مقابلي ۾ تقريبن 7.9 سيڪڙو وڏو ۽ 15 سيڪڙو وڌيڪ روشن نظر ايندو.