هندوستان جي سڀ کان وڏي ايئرلائن انڊيگو (IndiGo) کي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي آپريشنل بحران کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جنهن جي ڪري 1200 کان وڌيڪ پروازون رد ڪيون ويون آهن.
هندوستاني ميڊيا مطابق ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هزارين مسافر ايئرپورٽن تي موجود آهن ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان صورتحال معمول تي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن.
انڊيگو (IndiGo) هڪ ڏينهن اڳ به 1232 پروازون رد ڪيون هيون، جڏهن ته سوين فلائٽس دير جو شڪار ٿيون، جنهن جي ڪري هوائي آپريشن تمام گهڻو متاثر ٿيو.
مسافرن جو چوڻ آهي ته ايئرپورٽن تي رش وڌي ويو آهي ۽ متبادل پروازن يا هوٽل جي انتظامن بابت پڻ واضح معلومات فراهم نه ڪئي پئي وڃي.
انڊيگو ايئرلائن (IndiGo Airline) وضاحت ڪئي آهي ته پروازن جي منسوخي فني خرابين ۽ ڀارتي هوائي ريگيوليٽر جي نئين آپريشنل قانونن جي ڪري ٿي آهي، جنهن شيڊول کي سخت متاثر ڪيو آهي.
ايئرلائن جو چوڻ آهي ته هو صورتحال کي بهتر بنائڻ ۽ پروازن جي باقاعدي آغاز لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ان هوندي به فلائٽس جي بحالي ۾ وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو.