شھر قائد جي 20 اھم شاھراھن تي 3 ۽ 5 سيٽن وارين رڪشائن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي.
ڪراچي جي 20 اھم شاھراھن تي رڪشائن جي داخلا بابت پابندي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. ان نوٽيفڪيشن جي مطابق، ڪراچي ۾ رڪشائن جي پابندي وڌائي 26 مرڪزي شاھراھن تائين ڪئي وئي آھي.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي سفارش تي ڪراچي ۾ رڪشائن جي آمد رفت کي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شارع فيصل کان آءِ آءِ چندريگر روڊ تائين رڪشائن جي اچ وڃ تي مڪمل پابندي فوري طور تي لاڳو ڪئي وئي.
ڪراچي جي 20 روڊن تي رڪشا پابندي 18 آڪٽوبر کان 17 ڊسمبر تائين لاڳو رھندي. ٽريفڪ جي رواني کي بھتر بنائڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي سيڪشن 144 تحت پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. خلاف ورزي جي صورت ۾ ايس ايڇ اوز کي ڪيس داخل ڪرڻ جون ھدايتون پڻ جاري ڪيون ويون.
نوٽيفڪيشن جي مطابق، لاڳاپيل کاتن ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي تمام حڪمن تي فوري ۽ سخت عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي. ڪمشنر ڪراچي وڌيڪ 6 وڏين شاھراھن تي فور پلس ون رڪشائن جي آمد رفت تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آھي.
ٽريفڪ پوليس جي نئين سفارشات تي رڪشا پابندي جي دائري ۾ باضابطه توسيع ڪئي وئي آھي.
اعلاميي موجب نئين 6 شاھراھن تي رڪشا پابندي پھرين جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي برابر مدي تائين جاري رھندي. اضافي روڊن تي پابندي عوامي تحفظ، ٽريفڪ مينيجمينٽ ۽ شھري سهولت کي نظر ۾ رکندي لڳائي وئي آھي. سيڪشن 144 تحت نئين پابندي فوري طور تي لاڳو ڪرڻ جو ڪمشنر ڪراچي حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي.