Daily Kalyan Sindhi News

لاهور: شهرين کي فريب ڏئي ڦريندڙ 5 رڪني گينگ گرفتار، 3 عورتون شامل

لاهور پوليس پاران شهرين کي فريب ڏئي ڦريندڙ 5 رڪني گينگ گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 3 عورتون پڻ شامل آهن.

ايس پي سٽي جي بيان موجب جوابدار عورت شهرين کي گهرائي نشو ڏيندڙ چانهه پياري غير اخلاقي وڊيوز ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ رقم وصول ڪئي.

تحقيقات جي مطابق جوابدار عورت متاثر شخص جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ قرض جي رقم واپس وٺڻ جي بهاني کيس گهر گهرايو.

گينگ جي ٻين ميمبرن پڻ غير اخلاقي وڊيوز جي ڌمڪي ڏئي وڌيڪ 5 لک روپين جو مطالبو ڪيو، جنهن تي پوليس فوري ڪاروائي ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

گرفتار جوابدارن کان نقدي، موبائيل فون ۽ وڊيوز هٿ ڪيون ويون آهن، جن کي ثبوت طور ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو آهي، پوليس جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

ايس پي سٽي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهڙي قسم جي فريب ۽ ڌمڪين کان هوشيار رهن ۽ ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي جي اطلاع فوري طور تي پوليس کي ڏين.

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top