پاڪستان جي شھرين جي پيٽروليم مصنوعات تي ادا ڪيل ٽيڪس جي مڪمل ڄاڻ ظاھر ڪئي وئي آھي.
ذريعن پاران انڪشاف ڪيو ويو آھي ته پيٽروليم ڊويزن جي موجب في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 37 سيڪڙو ٽيڪس شامل آھي.
پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جي بيان مطابق ھڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 96 روپيا 28 پيسا يعني 37 سيڪڙو ٽيڪس شامل آھي.
ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته ھڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 34 سيڪڙو ٽيڪس شامل آھن، مثال طور ھڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 94 روپيا 92 پيسا ٽيڪس جي مد ۾ ورتا وڃن ٿا.
پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آھي ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي اھي ٽيڪس ڪسٽم ڊيوٽي، پيٽروليم ليوي ۽ ڪلائيميٽ ليوي جي حساب سان لاڳو ڪيا ويا آھن.