Daily Kalyan Sindhi News

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري سري لنڪا جو شيڊول جاري

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (PCB) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري سري لنڪا جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پي سي بي جي مطابق، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جنوري ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ سري لنڪا جو دورو ڪندي.

سيريز جا ٽيئي ٽي ٽوئنٽي ميچز دمبولا اسٽيڊيم ۾ 7، 9 ۽ 11 جنوري تي منعقد ڪيا ويندا.

واضح رهي ته اهِ دورو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي تياري جي لاءِ نهايت ئي اهم آهي. ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين کيڏيو ويندو.

پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجا ميچز ڪولمبو ۾ کيڏيندو.

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top