Daily Kalyan Sindhi News

16 سالن جي ٻارن کي ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي گرفتاري نه ٿيندي، کين سمارٽ ڪارڊ ۽ لائسنس ملندا

وزيراعليٰ مريم نواز ننڍڙن شاگردن کي ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪرڻ کان منع ڪندي ناراضگي ظاهر ڪئي آهي.

پنجاب ۾ 16 سالن جي ٻارن کي سمارٽ ڪارڊ ۽ موٽرسائيڪل لائسنس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هيلمٽ نه پائڻ تي پهرين ڀڃڪڙي تي وارننگ ڏني ويندي. سڄي پنجاب ۾ ٽريفڪ پوليس عوام ۽ شاگردن لاءِ آگاهي مهم هلائيندي ۽ ٽريفڪ جي نگراني لاءِ ڊرون ۽ باڊي ڪيم استعمال ڪيا ويندا.

وزيراعليٰ چيو ته والدين کي ٽريفڪ قانونن جي وڌيڪ ذميواري کڻڻ گهرجي، ٽريفڪ قانون عوام جي زندگين جي حفاظت لاءِ آهن ۽ هر شهري کي انهن تي عمل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي، معصوم ٻارن کي گرفتار ڪرڻ نٿا چاهيون پر قانون جي پاسداري ضروري آهي، والدين ٻارن کي روڊ سيفٽي لاءِ هيلمٽ جي اهميت کان واقف ڪن.

وزيراعليٰ چيو ته ٽريفڪ پوليس عوام جي عزت جو خيال رکي ۽ بد اخلاقي کان پاسو ڪري. ان کان اڳ، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ننڍڙن ڊرائيورز جي گرفتارين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ نابالغ ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، شروعات ۾ کين وارننگ ڏني وڃي ۽ غلطي بار بار ٿيڻ تي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top