Daily Kalyan Sindhi News

پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز لاهور ڊولپمينٽ پلان جي ٻئي فيز جو آغاز ڪري ڇڏيو

پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز لاهور ڊولپمينٽ پلان جي ٻئي فيز جو آغاز ڪندي چيو ته لاهور ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿي ويو آهي.

هن چيو ته لاهور شهر جي 6 هزار 284 گلين جي مڪمل اپ گريڊيشن ڪئي ويندي، جنهن ۾ واسا جون 486 ۽ لاهور ميونسپل ڪارپوريشن جون 5 هزار 798 گليون شامل آهن، جن کي ايندڙ سال تائين جديد بڻايو ويندو.

مريم نواز واضح ڪيو ته ترقياتي ڪمن ۾ معيار تي ڪو به سمجھوتو نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي ڪنهن قسم جي دير برداشت ڪئي ويندي.

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top