صدارتي انعام کٽيندڙ شهنائي ماهر استاد عبدالله 72 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
گھروارن موجب شهنائي وڄائيندڙ استاد عبدالله ڪافي وقت کان ساه جي تڪليف ۽ ڦڦڙن جي بيماري ۾ مبتلا هئا.
گھروارن موجب سندس نماز جنازه اڄ ڪوٽڙي ۾ پڙهي ويندي، مرحوم استاد عبدالله جي مٽي آبائي قبرستان سيد ٻڍل شاه ۾ پوربي ويندي، استاد عبدالله ننڍي کنڊ ۾ شهنائي جا عالمي ناميارو فنڪار هئا، هن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين شهنائي جي فن مان پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي.
پاڪستان، انڊيا ۽ بنگلاديش ۾ استاد عبدالله جي شهنائي کي تمام گهڻي مڃتا ملي، هن ڪيترن ئي ملڪي ۽ عالمي ثقافتي پروگرامن ۾ شهنائي جو فن پيش ڪيو.
سنڌي سنگيت کي نئين سونهن ڏيڻ ۾ به استاد عبدالله جو وڏو ڪردار رهيو، سندس فني قابليتن تي کيس صدارتي انعام سان به نوازيو ويو.