ٽن ملڪن جي ٽي 20 سيريز جي فائنل ميچ ۾ پاڪستان، سري لنڪا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽي ورتو.
راولپنڊي ۾ کيڏي ويندڙ فائنل ميچ ۾ پاڪستان، سري لنڪا جي خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
سري لنڪا جي ٽيم پهريان کيڏندي 20 اوورن ۾ 114 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
سري لنڪا جي طرفان ڪامل مشرا 59 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، ان کان سواءِ ڪو به سري لنڪن بيٽر پاڪستاني بالرن جي سامهون نه ٽڪي سگهيو. ڪوشل مينڊس 14 ۽ نسانڪا 11 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان جي طرفان شاهين آفريدي ۽ محمد نواز 3،3 ۽ ابرار احمد 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
فائنل ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي، فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي پليئنگ اليون ۾ واپسي ٿي، وسيم جونيئر کي ڊراپ ڪري ڇڏيو ويو. فائنل لاءِ سري لنڪن ٽيم ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي وئي.