ٽن ملڪن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي اهم ميچ ۾، سري لنڪا پاڪستان کي 6 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو، زمبابوي سيريز کان ٻاهر ٿي ويو.
راولپنڊي ۾ پاڪستان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
سري لنڪا پهريان بئٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 184 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڪامل مشارا 76 رنسون ۽ ڪوشل مينڊس 40 رنسون ٺاهيون. پاڪستان جي ابرار احمد 2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ پاڪستان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهي سگهي، سلمان علي آغا 63 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
پاڪستاني ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون، سري لنڪا پنهنجي فاتح ٽيم کي برقرار رکيو.
فائنل پاڪستان ۽ سري لنڪا جي وچ ۾ ڇنڇر تي ٿيندو.