تاجڪستان جي اختيارين موجب، 26 نومبر جي رات افغانستان جي پاسي کان تاجڪستان جي سرحد تي ڊرون حملو ٿيو، جنهن ۾ 3 چيني شهري فوت ٿي ويا.
تاجڪستان جي ميڊيا موجب، هي واقعو ختلان صوبي جي شمس الدين شاهين ۽ افغانستان جي بدخشان صوبي جي شهرِ بزرگ جي وچ واري سرحدي علائقي ۾ ٿيو.
تاجڪستان جي پرڏيهي وزارت موجب، افغانستان جي ڏکڻ واري پاسي کان هڪ چيني ڪمپني تي ڊرون سان حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ فوت ٿيل ماڻهو ڪمپني جا ملازم هئا.
تاجڪستان جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته افغانستان جي اندر موجود ڏوهارين جا گروهه اڃا تائين سرگرم آهن، تاجڪستان افغان اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سرحدن تي امن کي يقيني بڻايو وڃي.