Daily Kalyan Sindhi News

عمران خان سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي محمد سهيل خان آفريدي جو ساٿين سميت اڊيالا جيل ٻاهران احتجاجي ڌرڻو

وزيراعليٰ خيبرپختونخوا محمد سهيل خان آفريدي ايم پي ايز ۽ پارٽي اڳواڻن سان گڏ اڊيالا جيل ٻاهران احتجاجي ڌرڻو ڏنو آهي. ڌرڻو ان وقت شروع ٿيو جڏهن وڏي وزير کي چيئرمين عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي.
موقع تي ڪارڪنن جو وڏو تعداد موجود آهي، جيڪو عمران خان جي حق ۾ نعرا هڻي پنهنجي اڳواڻ سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيو آهي. ڌرڻي دوران ڪارڪنن باجماعت نماز ادا ڪئي ۽ پاڪستان جي سلامتي، استحڪام، عمران خان جي صحت ۽ ناحق قيد کان آزادي لاءِ اجتماعي دعا به ڪئي وئي.
وزيراعليٰ خيبرپختونخوا محمد سهيل آفريدي پنجاب پوليس سان ڳالهائيندي پڇيو ته ڇا اسان جو پيغام پهچايو ويو آهي ته اسان چيئرمين عمران خان سان ملڻ لاءِ آيا آهيون؟
عمران خان جي صحت جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ پريشاني آهي. آخر ڇو حالتن کي بغير سبب خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top