ايٿن برائون، جيڪو آمريڪي گلوڪار ۽ گيتڪار جيڪسن برائون جو فرزند ۽ هالي ووڊ اداڪار هو، پنهنجي رهائشگاهه تي صبح جو بي هوش پيو مليو ۽ بعد ۾ سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.
ايٿن برائون 1973 ۾ جيڪسن برائون ۽ فلِس ميجر جي گھر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد، جيڪسن برائون، فيس بڪ تي پنهنجي پٽ جي وفات جي اطلاع ڏيندي چيو ته هي وقت سندن خاندان لاءِ ڏکيو آهي.
ايٿن برائون ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي والد سان گڏ 1974 ۾ رولنگ اسٽون ميگزين جي سرورق تي ظاهر ٿيو، جنهن کان پوءِ هن ماڊلنگ ۽ اداڪاري کي پنهنجو پيشو بڻايو.
هن اداڪار 1995 جي فلم ‘هيڪرز’ ۾ اينجلينا جولي سان گڏ ڪم ڪيو ۽ 2004 ۾ ڪيٽ هڊسن سان فلم ‘ريزنگ هيلن’ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان کانسواءِ، هو 2002 ۾ ٽي وي سيريز ‘برڊ آف پري’ جي هڪ قسط ۾ به ڏٺو ويو.
ايٿن برائون ڪيترن ئي فيشن ۽ اشتهاري پروگرامن جو حصو رهيو، ۽ هالي ووڊ ۾ پنهنجي اداڪاري ۽ ماڊلنگ جي ذريعي اهم مقام حاصل ڪيو. سندس چاهيندڙ ۽ دوست سندس اوچتي موت تي ڏک جو اظهار ڪري رهيا آهن.
تازيون خبرون
هالي ووڊ اداڪار ايٿن برائون 52 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟