قومي اداري برائي شماريات جي مطابق 20 نومبر تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ اترين شهرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي سراسري قيمت 1365 رپيا رهي، جيڪا گذريل هفتي جي مقابلي ۾ معمولي واڌ آهي۔
ان کان اڳ ۾ ئي هن علائقي ۾ في ٻوري سراسري قيمت 1362 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ٻئي طرف ڏاکڻين شهرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري سراسري قيمت 1440 رپيا رهي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ معمولي گهٽتائي کي ظاهر ڪري ٿي.
گذريل هفتي هتي في ٻوري جي قيمت 1441 رپيا هئي. شهر وار جائزو وٺڻ جي مطابق وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ سيمينٽ جي في ٻوري سراسري قيمت 1367 رپيا رهي، جڏهن ته راولپنڊي ۾ 1355، گوجرانوالا ۾ 1400، سيالڪوٽ ۾ 1350، لاهور ۾ 1410، فيصل آباد ۾ 1340، سرگوڌا ۾ 1350، مُلتان ۾ 1389، بهاولپور ۾ 1400، پشاور ۾ 1353 ۽ بنون ۾ 1300 رپيا في ٻوري قيمت رڪارڊ ڪئي وئي. ڏاکڻين علائقن ۾ ڪراچي ۾ سيمينٽ جي في ٻوري 1373 رپيا، حيدرآباد ۾ 1427، سکر ۾ 1500، لاڙڪاڻي ۾ 1407، ڪوئيٽا ۾ 1490 ۽ خضدار ۾ 1443 رپيا قيمت سامهون آئي. اهڙي طرح مجموعي طور تي ملڪ سڄي ۾ سيمينٽ جي قيمتن ۾ معمولي ڦيرڦار جاري رهي.
تازيون خبرون
ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمتن ۾ گذريل هفتي معمولي اُٿل پُٿل ڏٺي وئي
ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟