# Kalyan News Tv > Stay Ahead, Stay Informed | Daily Kalyan | Kalyan News Tv | Sdin ## Posts - [حيدرآباد: پريمي جوڙي اسلام قبول ڪري شادي ڪري ورتي، تحفظ ۽ انصاف جي اپيل](https://dailykalyan.com/latest/2629/): حيدرآباد: بدين ضلعي جي گولاڙچي چڪ نمبر 2 جي رھندڙ غير مسلم جوڙي مذھب بدلائي اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ محبت جو نڪاح ڪري ورتو آھي. - [پتنگ ٺاهڻ ۽ پتنگ بازي ڪرڻ لاءِ ڊي سي کان اجازت وٺڻ لازمي هوندي](https://dailykalyan.com/latest/2626/): پتنگ ٺاهڻ ۽ پتنگ بازي ڪرڻ لاءِ ڊي سي کان اجازت وٺڻ لازمي هوندي - [ھڏن کي مضبوط بنائڻ لاءِ بھترين 5 ورزشون](https://dailykalyan.com/latest/2618/): ھڏن کي مضبوط بنائڻ لاءِ بھترين 5 ورزشون - [پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز لاهور ڊولپمينٽ پلان جي ٻئي فيز جو آغاز ڪري ڇڏيو](https://dailykalyan.com/latest/1520/): پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز لاهور ڊولپمينٽ پلان جي ٻئي فيز جو آغاز ڪندي چيو ته لاهور ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته لاهور شهر جي 6 هزار 284 گلين جي مڪمل اپ گريڊيشن ڪئي ويندي، جنهن ۾ واسا جون 486 ۽ لاهور ميونسپل ڪارپوريشن جون 5 هزار 798 گليون شامل آهن، جن کي ايندڙ سال تائين جديد بڻايو ويندو. مريم نواز واضح ڪيو ته ترقياتي ڪمن ۾ معيار تي ڪو به سمجھوتو نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي ڪنهن قسم جي دير برداشت ڪئي ويندي. - [چيف آف ڊفينس فورسز جي نوٽيفڪيشن جو عمل شروع ڪيو ويو آھي: وفاقي وزير دفاع خواجه آصف](https://dailykalyan.com/latest/1517/): وفاقي وزير دفاع خواجا خواجه جو چوڻ آهي ته چيف آف ڊفينس فورسز جي نوٽيفڪيشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ خواجه آصف چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز جي نوٽيفڪيشن بابت مختلف رايا ڏنا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز جو نوٽيفڪيشن بروقت جاري ڪيو ويندو، چيف آف ڊفينس فورسز جي نوٽيفڪيشن تي وڌيڪ ڪنهن به قسم جي راءِ زني جي ضرورت نه آهي. خواجه آصف وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف صاحب جلد ئي وطن واپس اچي رهيا آهن. - [سعودي عرب ۾ 13 پاڪستاني رڍ چوري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار](https://dailykalyan.com/latest/1514/): سعودي عرب جي شهر طائف ۾ رڍ چوري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 13 پاڪستاني شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ذميوار ماڻهو رڍ جي چوري جي مختلف ڪيسن ۾ شامل هئا. قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پوليس کين پراسيڪيوشن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. - [جيڪب آباد ۾ ملزم ياسر ٽالاڻي عورت تي فائرنگ ڪري فرار](https://dailykalyan.com/latest/1510/): جيڪب آباد جي صدر پوليس اسٽيشن جي علائقي جان محمد ٽالاڻي ڪالوني ۾ جوابدار ياسر ٽالاڻي هڪ ناريءَ تي گوليون هلايون موقعي تان ڀڄي ويو. جڏهن ته زخمي ناري جي سڃاڻپ هدايتان لغاري جي نالي سان ٿي کيس حالت نازڪ هجڻ ڪري فوري طور تي لاڙڪاڻي اسپتال ريفر ڪيو ويو.   - [صدارتي انعام کٽيندڙ شهنائي ماهر استاد عبدالله لاڏاڻو ڪري ويو، نماز جنازه ڪوٽڙي ۾ پڙهي ويندي](https://dailykalyan.com/latest/1506/): صدارتي انعام کٽيندڙ شهنائي ماهر استاد عبدالله 72 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. گھروارن موجب شهنائي وڄائيندڙ استاد عبدالله ڪافي وقت کان ساه جي تڪليف ۽ ڦڦڙن جي بيماري ۾ مبتلا هئا. گھروارن موجب سندس نماز جنازه اڄ ڪوٽڙي ۾ پڙهي ويندي، مرحوم استاد عبدالله جي مٽي آبائي قبرستان سيد ٻڍل شاه ۾ پوربي ويندي، استاد عبدالله ننڍي کنڊ ۾ شهنائي جا عالمي ناميارو فنڪار هئا، هن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين شهنائي جي فن مان پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي. پاڪستان، انڊيا ۽ بنگلاديش ۾ استاد عبدالله جي شهنائي کي تمام گهڻي مڃتا ملي، هن ڪيترن ئي ملڪي ۽ عالمي […] - [اڏام دوران ٻن جهازن ۾ ٽڪر، پائلٽ فوت](https://dailykalyan.com/latest/1502/): آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ اڏام جي دوران 2 ننڍا جهاز هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ويا. آسٽريليا جي سرڪاري عملدارن موجب آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ ٻئي جهاز اڏام جي دوران هڪ ٻئي سان ٽڪرايا، ٽڪرائجڻ سان هڪ ننڍو جهاز زمين تي ڪري تباهه ٿي ويو ۽ ان ۾ موجود پائلٽ فوت ٿي ويو، پائلٽ جي مڙهه کي ريسڪيو عملي جهاز مان ڳولي لڌو. جڏهن ته ٻيو جهاز هوائي اڏي تي صحيح سلامت لهي ويو ۽ پائلٽ محفوظ رهيو. سرڪاري عملدارن موجب اهو حادثو نيپيئر فيلڊ ايئر فيلڊ جي ويجهو ٿيو ۽ مقامي ماڻهن کي حادثي واري هنڌ تي وڃڻ […] - [اليڪشن ڪميشن جو هري پور ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ بي ضابطگين جي الزامن تي وضاحتي بيان](https://dailykalyan.com/latest/1499/): اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ NA-18 ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ بي ضابطگين جي الزامن تي وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو هري پور جي ننڍي چونڊ کي مشڪوڪ بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ڊي آر او ۽ آر او جي مقرري کي سازش قرار ڏئي رهيا آهن، جيڪا سراسر غلط آهي. عام چونڊن ۾ عملي جي کوٽ سبب ائين نٿو ڪري سگهجي پر ننڍي چونڊ ۾ ضرورت تحت اهو قدم کنيو ويندو آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڊي آر او ۽ آر او جي مقرري پولنگ کان گهڻو […] - [پاڪستان ۾ ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز جو ڪامياب انعقاد اسان جي هڪ اهم ڪاميابي آهي: وزيراعظم](https://dailykalyan.com/latest/1496/): وزيراعظم شهباز شريف صاحب جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز جو ڪامياب انعقاد اسان جي هڪ اهم ڪاميابي آهي. وزيراعظم شهباز شريف ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز جو فائنل کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪون پيش ڪيون آهن ۽ چيو ته ته سري لنڪا ۽ زمبابوي جي رانديگرن سموري پاڪستاني قوم جا دل کٽي ورتا آهن، ۽ پاڪستان ۾ ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز جو ڪامياب انعقاد اسان جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن مڪمل سيريز دوران شاندار راند جو مظاهرو ڪيو، فائنل ميچ ۾ پاڪستاني رانديگرن […] - [ٽن ملڪن جي ٽي 20 سيريز جي فائنل ميچ ۾ پاڪستان سري لنڪا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽي ورتو](https://dailykalyan.com/latest/1483/): ٽن ملڪن جي ٽي 20 سيريز جي فائنل ميچ ۾ پاڪستان، سري لنڪا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽي ورتو. راولپنڊي ۾ کيڏي ويندڙ فائنل ميچ ۾ پاڪستان، سري لنڪا جي خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. سري لنڪا جي ٽيم پهريان کيڏندي 20 اوورن ۾ 114 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. سري لنڪا جي طرفان ڪامل مشرا 59 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، ان کان سواءِ ڪو به سري لنڪن بيٽر پاڪستاني بالرن جي سامهون نه ٽڪي سگهيو. ڪوشل مينڊس 14 ۽ نسانڪا 11 رنسون ٺاهيون. پاڪستان جي طرفان شاهين آفريدي ۽ محمد نواز 3،3 ۽ ابرار […] - [روس عالمي سطح تي مشهور ميسيجنگ "واٽس ايپ" ايپ کي مڪمل طور تي بلاڪ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.](https://dailykalyan.com/latest/1480/): روس جو چوڻ آهي ته واٽس ايپ ڏوهن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ هن روسي شهرين کي متبادل ۽ مقامي ايپس استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. روس جي مواصلاتي نگران اداري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن واٽس ايپ روسي قانونن تي عمل نه ڪيو ته ان کي بلاڪ ڪيو ويندو ۽ روس اڳ ۾ ئي آگسٽ ۾ واٽس ايپ ڪالز تي پابندي لڳائي چڪو آهي. روسي حڪومت پنهنجي شهرين کي متبادل طور تي “ميڪس” ايپ استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، جيڪا حڪومتي خدمتن سان ڳنڍيل آهي. واٽس ايپ جي مالڪ ميٽا جو چوڻ آهي ته […] - [نوشهره: پنهنجي پيءُ کي قتل ڪرائڻ وارا 2 پٽ گرفتار](https://dailykalyan.com/latest/1476/): خيبر پختونخوا جي ضلعي نوشهره ۾ پنهنجي پيءُ کي قتل ڪرائڻ وارا 2 پٽ گرفتار ٿي ويا. پوليس موجب پٽن گھرو جھڳڙي تان پيءُ کي ڪرائي جي قاتل کان قتل ڪرايو هو. پوليس ڪرائي جي قاتل سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدارن ۾ مقتول جا 2 پٽ به شامل آهن. پوليس موجب قتل جي حوالي سان وڌيڪ جاچ جو سلسلو جاري آهي. - [حسيب جمالي 2,679 ووٽن سان سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جو صدر منتخب، سرفراز ميتلو شڪست کاڌي](https://dailykalyan.com/latest/1473/): سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي سالياني چونڊن ۾ صدر واري سيٽ لاءِ سخت مقابلو ڏسڻ ۾ آيو، جتي حسيب جمالي 2,679 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جو نئون صدر منتخب ٿي ويو. سندس مد مقابل اميدوار سرفراز ميتلو 2,604 ووٽ حاصل ڪري شڪست کاڌي. چونڊن دوران وڪيل برادري وڏي تعداد ۾ پولنگ اسٽيشنن تي پهتي ۽ پرجوش ماحول ڏسڻ ۾ آيو. حسيب جمالي جي ڪاميابي تي سندس حامين خوشي جو اظهار ڪيو ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون. نئين صدر پاران اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته هو بار ۽ بينچ جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط […] - [ٽن ملڪن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز: فائنل ۾ پاڪستان پاران ٽاس کٽي سري لنڪا خلاف فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو](https://dailykalyan.com/latest/1470/): ٽن ملڪن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي فائنل ۾ پاڪستان ٽاس کٽي سري لنڪا خلاف فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. راولپنڊي ۾ ٿيندڙ فائنل ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، تيز بالر شاهين آفريدي پليئنگ اليون ۾ واپس آيو آهي، وسيم جونيئر کي ڊراپ ڪيو ويو آهي. سري لنڪن ٽيم ۾ فائنل لاءِ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي. - [سري لنڪا تيز برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ 123 ماڻھو مري ويا ۽ 130 کان وڌيڪ لاپت](https://dailykalyan.com/latest/1462/): سري لنڪا ۾ سائڪلون دتوا سبب تيز برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ھن وقت تائين 123 ماڻھو مري ويا آھن ۽ 130 کان وڌيڪ لاپتا آھن. سري لنڪا جي ڈیزاسٽر مئنيجمينٽ سينٽر موجب فوج جي مدد سان امدادي ڪارروائيون جاري آهن، گذريل ھفتي کان 43,995 متاثر ماڻھن کي رياستي فلاحي مرڪزن ۾ منتقل ڪيو ويو آھي. محڪمي جي سربراھ مطابق، اھو موسمي نظام ٻيٽ تان نڪري ڀارت ڏانھن وڃي رھيو آھي، جڏھن بہ اڳ ئي وسيع پيماني تي تباهي مچائي چڪو آھي. طوفان اربع کان شروع ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ رڪارڊ برساتون ٿيون. حڪام ڪلاني ندي جي ڪناري […] - [ايف بي آر ٽيڪس وصولي جو مقرر ڪيل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو](https://dailykalyan.com/latest/1459/): وفاقي بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي نومبر ۾ ٽيڪس وصولي جو مقرر ڪيل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي نه ٿي سگهي. ايف بي آر ذريعن موجب، نومبر ۾ هڪ هزار 34 ارب رپين جي ٽارگيٽ جي مقابلي ۾ ٽيڪس وصولي 878 ارب رپيا ٿيڻ جو امڪان آهي، اهڙيءَ طرح نومبر جي ٽيڪس وصولي ۾ 156 ارب رپين جي گهٽتائي رهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن ۾ هن گهٽتائي ۾ تقريبن 5 ارب رپين جي گهٽتائي جو اندازو آهي، ۽ ڊسمبر ۾ ٽيڪس وصولي جو ٽارگيٽ 1406 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن مطابق، هلندڙ مالي […] - [ست سالن جي ٻار کان موبائيل فون کسڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي کيس گولي هڻي ڇڏي](https://dailykalyan.com/latest/1456/): ڪراچي جي گڏاپ واري علائقي ۾ فائرنگ جي هڪ افسوسناڪ واقعي ۾ معصوم 7 سالن جو ٻار زخمي ٿي پيو آهي. پوليس موجب، ڪجهه ڏوهارين 7 سالن جي ٻار کان موبائيل فون کسڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن ٻار مزاحمت ڪئي ۽ فون ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ته انهن ظالمن کيس گولي هڻي ڇڏي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو آهي ته زخمي ٻار کي فوري طور تي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ڊاڪٽر سندس زندگي بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن. - [صوابي ۾ خاتون هڪ ئي وقت چئن ٻارن کي جنم ڏنو، ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون شامل](https://dailykalyan.com/latest/1362/): باچا خان ميڊيڪل ڪمپليڪس، صوابي ۾ هڪ خاتون هڪ ئي وقت چئن ٻارن کي جنم ڏنو آهي. ترجمان باچا خان ميڊيڪل ڪمپليڪس رحم خان جي بيان موجب، انهن چئن ٻارن ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون شامل آهن، ۽ والده ۽ ٻار سڀ صحتمند آهن. ٻارن جي والدين جو تعلق ڳوٺ سليم خان سان آهي. نيونٽل ڪيئر يونٽ جي انچارج ڊاڪٽر عنايت الله جي مطابق، ٻار بنا ڪنهن آپريشن جي (نارمل ڊيليوري) پيدا ٿيا، ۽ اهي چارئي ٻار صحتمند ۽ چاق و چوبند آهن. ٻارن جي والد مقصود علي جو چوڻ آهي ته هو هڪ ئي وقت چئن ٻارن جي […] - [بجلي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هيلپ لائن شروع، ست مختلف ٻولين ۾ شڪايتون رجسٽر ڪري سگهجن ٿيون](https://dailykalyan.com/latest/1359/): بجلي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ عوامي مدد لاءِ 118 هيلپ لائن شروع ڪئي وئي، جنهن جو افتتاح توانائي واري وزير سردار اویس لغاري ڪيو. ان موقعي تي تقريب کي ڳالهائيندي اویس لغاري چيو ته هيلپ لائن ذريعي بجلي جي شعبي بابت شڪايتون نمائندي بدران سڌو سسٽم ۾ شڪايت رجسٽر ڪرائي سگهندا ۽ شڪايتن جي نگراني به ڪري سگهجي ٿي، ست مختلف ٻولين ۾ شڪايتون رجسٽر ڪري سگهجن ٿيون، مسئلو حل ٿيڻ تي صارف کي روبوٽڪ ڪال ذريعي اطلاع ڏنو ويندو. شڪايت حل نه ٿيڻ تي اها شڪايت وري شروع ٿي ويندي، ان سسٽم جي ذريعي شڪايتون معلوم ٿينديون […] - [ايبٽ آباد ۾ مگري ڏانهن ويندڙ جيپ المناڪ حادثي جو شڪار، 5 مسافر حياتي وڃائي ويٺا](https://dailykalyan.com/latest/1356/): ايبٽ آباد ۾ هڪ دل ڏاريندڙ سانحو ٿيو، جتي حويلين کان مگري ويندڙ هڪ جيپ دردناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته جيپ ۾ 12 مسافر سوار هئا، جيڪا رستي ۾ اوچتوءَ پلٽجي وئي. ان المناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 5 مسافر موقعي تي ئي حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته 5 زندگيون زخمن جي ڪري خطري ۾ آهن. پوليس جي رپورٽ موجب، فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمي ماڻهو فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جتي زخمي ماڻهن کي فوري طور تي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ان حادثي جي اصل سبب کي […] - [صحافي ارشد شريف قتل ڪيس، وفاقي آئيني عدالت پاران ٻڌڻي لاءِ تاريخ جو اعلان](https://dailykalyan.com/latest/1353/): صحافي ارشد شريف جي قتل جي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ وفاقي آئيني عدالت پاران هڪ تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪو انصاف جي سفر ۾ هڪ اهم موڙ آهي. جسٹس عامر فاروق ۽ جسٽس روزي خان تي مشتمل معزز ٻه رڪني بينچ 3 ڊسمبر تي صحافي ارشد شريف جي افسوسناڪ قتل جي ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪندي. سپريم ڪورٽ جي هن معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ هڪ مثال آهي، جيڪا يقيني بڻائي ٿي ته ڪنهن به قسم جي ناانصافي کي نظرانداز نه ڪيو ويندو. اها ڳالهه به ذهن ۾ رهي ته 27 هين آئيني ترميم کانپوءِ، اهي پاڻمرادو نوٽيس […] - [ڪراچي ۾ کنڊ جي اگهن ۾ واضح واڌ، شھري 220 روپيا ڪلو کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور](https://dailykalyan.com/latest/1349/): ڪراچي ۾ کنڊ جي اگهن ۾ واضح واڌ ڏٺي وئي آهي، جتي کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 20 رپين تائين اضافو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ کنڊ 220 رپين في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي. شماريات کاتي موجب، ڪراچي ۾ کنڊ سڀ کان مهانگي آهي، حيدرآباد ۾ کنڊ 215 رپين في ڪلو ۽ ڪوئيٽا ۾ 216 رپين في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي. خضدار ۾ کنڊ جي وڌ کان وڌ قيمت 210 رپيا ۽ لاڙڪاڻي ۾ 205 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ کنڊ 190 رپين في ڪلو آهي، جڏهن ته پشاور ۾ 190 […] - [ٽن ملڪن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز: سري لنڪا پاڪستان کي 6 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو، زمبابوي سيريز کان ٻاهر](https://dailykalyan.com/latest/1346/): ٽن ملڪن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي اهم ميچ ۾، سري لنڪا پاڪستان کي 6 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو، زمبابوي سيريز کان ٻاهر ٿي ويو. راولپنڊي ۾ پاڪستان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. سري لنڪا پهريان بئٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 184 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڪامل مشارا 76 رنسون ۽ ڪوشل مينڊس 40 رنسون ٺاهيون. پاڪستان جي ابرار احمد 2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ پاڪستان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهي سگهي، سلمان علي آغا 63 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستاني ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون، سري لنڪا پنهنجي فاتح […] - [افغانستان جي پاسي کان تاجڪستان جي سرحد تي ڊرون حملو، 3 چيني شهري فوت](https://dailykalyan.com/latest/1342/): تاجڪستان جي اختيارين موجب، 26 نومبر جي رات افغانستان جي پاسي کان تاجڪستان جي سرحد تي ڊرون حملو ٿيو، جنهن ۾ 3 چيني شهري فوت ٿي ويا. تاجڪستان جي ميڊيا موجب، هي واقعو ختلان صوبي جي شمس الدين شاهين ۽ افغانستان جي بدخشان صوبي جي شهرِ بزرگ جي وچ واري سرحدي علائقي ۾ ٿيو. تاجڪستان جي پرڏيهي وزارت موجب، افغانستان جي ڏکڻ واري پاسي کان هڪ چيني ڪمپني تي ڊرون سان حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ فوت ٿيل ماڻهو ڪمپني جا ملازم هئا. تاجڪستان جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته افغانستان جي اندر موجود ڏوهارين جا گروهه اڃا تائين […] - [قومي اسيمبلي ۾ اسان جا ڏينهن محدود ٿي ويا آهن: بيرسٽر گوھر علي](https://dailykalyan.com/latest/1339/): چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) بيرسٽر گوھر علي جو چوڻ آهي ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته قومي اسيمبلي ۾ اسان جا ڏينهن محدود ٿي ويا آهن. چيئرمين پي ٽي آءِ بيرسٽر گوھر علي ايوان ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ائين لڳي ٿو ڄڻ نواز شريف صاحب کي مڪمل آزادي ملي وئي آهي، جنهن ڪري کين ريڊ ڪارپيٽ استقبال ڏنو ويو ۽ بائيو ميٽرڪ جي تصديق کانپوءِ کين ٻيهر مينڊيٽ ڏنو ويو. هن ملڪ ۾ اها جمهوريت ناهي جيڪا ٻين ملڪن ۾ موجود آهي. اسان کي پنهنجي ٻارن جي حفاظت جي لاءِ به جدوجهد ڪرڻي […] - [دنيا جي 61 ملڪن ۾ 21 هزار 647 پاڪستاني قيد هجڻ جو انڪشاف](https://dailykalyan.com/latest/1333/): سينيٽ جي انساني حقن واري ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته هن وقت 61 ملڪن ۾ 21 هزار 647 پاڪستاني جيلن ۾ بند آهن. گهرو وزارت جي سيڪريٽري ڪميٽي کي ڄاڻ ڏني ته هڪ پاڙيسري ملڪ پاڪستان جي نظام ۾ مداخلت ڪري جعلي پاسپورٽ ٺاهي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪرپشن جا به موقعا آهن. ڪميٽي جي چيئرپرسن انساني اسمگلنگ جي وڌندڙ خطرن تي پريشاني ظاهر ڪندي چيو ته ماڻهن کي ان بابت ڄاڻ نه هجڻ ڪري اهي غلط رستن تي هليا وڃن ٿا. هن ايئرپورٽن تي آگاهي وارا بينر نه هجڻ کي به لاپرواهي قرار ڏنو. چيئرپرسن مطالبو ڪيو ته ايران […] - [ماڻهو پيٽرول بچائڻ ۽ ماحول کي صاف سٿرو رکندڙ گاڏين کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا؟](https://dailykalyan.com/latest/1330/): اليڪٽرڪ گاڏيون دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ تمام گهڻيون مشهور ٿي رهيون آهن ۽ پاڪستان ۾ به ماڻهو انهن کي وٺڻ ۾ دلچسپي ڏيکارين پيا۔ماهرن جو چوڻ آهي ته جيئن جيئن اليڪٽرڪ گاڏيون جام ٿينديون، تيئن پيٽرول تي هلندڙ گاڏيون گهٽ وڪجڻ جوڳيون ٿينديون، ڇو ته اڄڪلهه ماڻهو پيٽرول بچائڻ ۽ ماحول کي صاف سٿرو رکندڙ گاڏين کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا.پيٽرول تي هلندڙ گاڏين جو اگهه مارڪيٽ ۾ گاڏين جي گهرج ۽ موجودگي کي ڏسي طئي ڪيو ويندو آهي۔ جيڪڏهن اليڪٽرڪ گاڏيون گهڻيون ٿي وڃن ۽ ماڻهو انهن کي خريد ڪرڻ شروع ڪن ته پيٽرول گاڏين جي وڪري […] - [عمران خان سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي محمد سهيل خان آفريدي جو ساٿين سميت اڊيالا جيل ٻاهران احتجاجي ڌرڻو](https://dailykalyan.com/latest/1326/): وزيراعليٰ خيبرپختونخوا محمد سهيل خان آفريدي ايم پي ايز ۽ پارٽي اڳواڻن سان گڏ اڊيالا جيل ٻاهران احتجاجي ڌرڻو ڏنو آهي. ڌرڻو ان وقت شروع ٿيو جڏهن وڏي وزير کي چيئرمين عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي.موقع تي ڪارڪنن جو وڏو تعداد موجود آهي، جيڪو عمران خان جي حق ۾ نعرا هڻي پنهنجي اڳواڻ سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيو آهي. ڌرڻي دوران ڪارڪنن باجماعت نماز ادا ڪئي ۽ پاڪستان جي سلامتي، استحڪام، عمران خان جي صحت ۽ ناحق قيد کان آزادي لاءِ اجتماعي دعا به ڪئي وئي.وزيراعليٰ خيبرپختونخوا محمد سهيل آفريدي پنجاب پوليس سان ڳالهائيندي […] - [هالي ووڊ اداڪار ايٿن برائون 52 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.](https://dailykalyan.com/latest/1323/): ايٿن برائون، جيڪو آمريڪي گلوڪار ۽ گيتڪار جيڪسن برائون جو فرزند ۽ هالي ووڊ اداڪار هو، پنهنجي رهائشگاهه تي صبح جو بي هوش پيو مليو ۽ بعد ۾ سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.ايٿن برائون 1973 ۾ جيڪسن برائون ۽ فلِس ميجر جي گھر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد، جيڪسن برائون، فيس بڪ تي پنهنجي پٽ جي وفات جي اطلاع ڏيندي چيو ته هي وقت سندن خاندان لاءِ ڏکيو آهي.ايٿن برائون ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي والد سان گڏ 1974 ۾ رولنگ اسٽون ميگزين جي سرورق تي ظاهر ٿيو، جنهن کان پوءِ هن ماڊلنگ ۽ اداڪاري کي پنهنجو پيشو بڻايو.هن […] - [پهرين چالان تي رعايت ٿيندي، پر ٻيو چالان ٿيڻ تي سخت سزا، نوان ٽريفڪ قانون.](https://dailykalyan.com/latest/1319/): ايڊيشنل آءِ جي جو چيو آهي ته ٽريفڪ قانون ٽوڙڻ تي جيڪڏهن پهريون دفعو چالان ٿئي ٿو ته ڏنڊ معاف ٿي ويندو، پر جيڪڏهن ٻيهر ائين ڪيو ويو ته پهريون چالان به ڀرڻو پوندو.ايڊيشنل آءِ جي ٻڌايو ته ماڻهن کي چالان وقت تي ڀرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي، ته جيئن هو وڌيڪ ڏنڊ کان بچي سگهن ۽ چالان 14 ڏينهن اندر ڀريو ويو ته 50 سيڪڙو تائين رعايت ملندي.ايڊيشنل آءِ جي چيو ته پنجاب ڪابينا جي منظوري کانپوءِ نئون شيڊول لاڳو ڪيو ويندو، لاهور ۾ ڪراچي کان وڌيڪ ڏنڊ آهن ۽ ڪجهه مهينن ۾ پنجاب ۾ ڏنڊ جي […] - [ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمتن ۾ گذريل هفتي معمولي اُٿل پُٿل ڏٺي وئي](https://dailykalyan.com/latest/1140/): قومي اداري برائي شماريات جي مطابق 20 نومبر تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ اترين شهرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي سراسري قيمت 1365 رپيا رهي، جيڪا گذريل هفتي جي مقابلي ۾ معمولي واڌ آهي۔ان کان اڳ ۾ ئي هن علائقي ۾ في ٻوري سراسري قيمت 1362 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ٻئي طرف ڏاکڻين شهرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري سراسري قيمت 1440 رپيا رهي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ معمولي گهٽتائي کي ظاهر ڪري ٿي.گذريل هفتي هتي في ٻوري جي قيمت 1441 رپيا هئي. شهر وار جائزو وٺڻ جي مطابق وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ […] - [سوني جي في تولہ قيمت ۾ 7700 رپيا جي واڌ](https://dailykalyan.com/latest/1137/): ملڪ ۾ سوني جي في تولہ قيمت 7700 رپيا وڌي وئي آهي۔آل پاڪستان صرافہ جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن جي مطابق 7700 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ سوني جي في تولہ قيمت 4 لک 36 ھزار 562 رپيا ٿي وئي آهي۔10 گرام سوني جو بھاءُ 6 ھزار 601 رپيا واڌ سان 3 لک 74 ھزار 281 رپيا آهي۔ايسوسيئيشن جي مطابق عالمي بازار ۾ سوني جو بھاءُ 77 ڊالر واڌ سان 4 ھزار 142 ڊالر في اونس آهي۔ - [بي بي آصفه ڀٽو زرداري جي سينئر پي پي پي اڳواڻ لعل بخش ڀٽو جي انتقال تي سندس صاحبزادے سان تعزيت](https://dailykalyan.com/latest/1119/): ڪراچي: اسلامي جمھوريه پاڪستان جي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سينئر پي پي پي اڳواڻ لعل بخش ڀٽو جي انتقال تي سندس صاحبزادے سينيٽر نديم ڀٽو سان تعزيت ڪئي. رڪن قومي اسيمبلي بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلزپارٽي جي ريسرچ اينڊ ڪوآرڊينيشن سيل جي انچارج لعل بخش ڀٽو جي بلندي درجات لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ لعل بخش ڀٽو جي سياسي، عوامي ۽ علمي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شازيه مري به وارثن سان تعزيت ڪئي. - [سترهان ورهه اڳ اسلام آباد مان گم ٿيل ڇوڪري ايڌي سينٽر ڪراچي مان ملي وئي](https://dailykalyan.com/latest/807/): اسلام آباد مان 17 سال اڳ گم ٿيل 27 ساله ڪرن کي ايڌي سينٽر ڪراچي پاران والد حوالي ڪيو ويو آهي. ڪرن جي بحالي ۽ سڃاڻپ سيف سٽي پنجاب جي سهڪار ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ ممڪن ٿي.ڪرن ملاقات دوران ٻڌايو ته هوءَ گهر مان آئس ڪريم وٺڻ نڪتي هئي پر رستو وساري وئي، بعد ۾ ڪنهن کيس ايڌي سينٽر اسلام آباد پهچائي ڇڏيو. ڪجهه عرصي کانپوءِ مرحومه بلقيس ايڌي کيس ڪراچي وٺي آئي جتي هوءَ ايڌي سينٽر ۾ زيرِ ڪفالت رهي.ڪرن جو چوڻ آهي ته ايڌي سينٽر ۾ قيام دوران هن ديني ۽ دنياوي تعليم حاصل ڪئي ۽ سندس […] - [دادو: موٽر سائيڪل ۽ ٽرالي جو زوردار حادثو، موٽر سائيڪل سوار موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.](https://dailykalyan.com/latest/804/): دادو ويجهو خونڻ موري سامهون موٽر سائيڪل ۽ ڪاٺ جي ڀريل ٽرالي ۾ زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار موقعي تي فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ بعد ريسڪيو وارن موقعي تي پهچي نوجوان جو مڙهه ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو آهي.پوليس موجب فوتي نوجوان جي سڃاڻپ 25 سالن جي نوجوان نويد پٽ عدل لنڊ ڳوٺ ڏتي مياڻي طور ڪئي وئي آهي، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ جي صورتحال ڇانيل آهي.ٻئي پاسي حد جي پوليس جاءِ واردات تي پهچي […] - [وڊيو: آمريڪي فضائيه جو ويڙهاڪ جهاز تربيت دوران ڪري تباه](https://dailykalyan.com/latest/1753/): آمريڪي فضائيه جو جنگي جهاز فائٽنگ فالڪن تربيت دوران ڪري تباهه ٿي ويو. حادثي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. آمريڪي فضائيه جو جنگي جهاز ڪيليفورنيا ۾ دورانِ تربيت ڪري تباهه ٿي ويو۔ تباهه ٿيڻ وارو ايف 16 سي فائٽنگ فالڪن جهاز فضائيه جي مشهور ٿنڈر برڊز فضائي ڊيمو ٽيم سان تعلق رکندڙ آهي. حادثو 10 بجي 45 منٽن تي پيش آيو، جڏهن ته جهاز جو پائلٽ بحفاظت ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته زخمي ٿيڻ سبب پائلٽ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. حادثي جي وائرل وڊيو ۾ جهاز کي زمين دوز ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو. […] - [مشق دوران ڀارتي فوج جو ٽينڪ ٻڏڻ سبب هڪ فوجي ھلاک](https://dailykalyan.com/latest/1746/): ڀارتي رياست راجستھان جي ضلعي شري گنگا نگر ۾ اندرا گانڌي ڪينال ۾ ڀارتي فوج جو ٽينڪ ٻڏڻ سبب هڪ سپاهي ھلاک ٿي ويو۔ پوليس موجب واقعو اڱاري جي صبح معمول جي فوجي مشق دوران پيش آيو، ٽينڪ ۾ ٻه فوجي موجود هئا جن مان هڪ ڪنهن طرح ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو اندر ئي ڦاسي پئجي فوت ٿي ويو۔ پوليس موجب ھلاک فوجي جي لاش کي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪارروائيءَ کان بعد ٻاهر ڪڍيو ويو۔ پوليس ٻڌايو ته مشق دوران بکتر بند گاڏيون ۽ ٽينڪ نهر عبور ڪرڻ جي مشق ڪري رهيا هئا ته […] - [باني پي ٽي آءِ جي طبي معائني لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل](https://dailykalyan.com/latest/1743/): اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ باني پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اڳوڻي وزير اعظم شوڪت خانم اسپتال جي ڊاڪٽرن جي ذريعي طبي معائني جي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته باني پي ٽي آءِ کي ڪجهه طبي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ انهن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن انصاف جا تقاضا پورا ٿي سگهن. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته موجوده حڪومت سياسي انتقام جي مقصد جي تحت اڳوڻي وزير اعظم جي خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ کين نادرا ۽ ٻين […] - [ٻار جو گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ وارو معاملو، سنڌ جي وڏي وزير جو لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪرڻ جو حڪم](https://dailykalyan.com/latest/1740/): ڪراچي: وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاھ گٽر ۾ ٻار جي ڪري پَوَڻ واري معاملي تي لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪرڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن. وڏي وزير سنڌ مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ گٽر ۾ ڪري ٻار جي فوت ٿيڻ واري افسوسناڪ واقعي تي هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، ڪي ايم سي جي اختيارين، ٽائون انتظاميه، روينيو ڊپارٽمينٽ ۽ پوليس اختيارين شرڪت ڪئي. مراد علي شاھ اجلاس ۾ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي واضح هدايت ڪئي ته سمورن ذميوار آفيسرن کي فوري طور تي معطل ڪيو وڃي. […] - [لاهور: شهرين کي فريب ڏئي ڦريندڙ 5 رڪني گينگ گرفتار، 3 عورتون شامل](https://dailykalyan.com/latest/1737/): لاهور پوليس پاران شهرين کي فريب ڏئي ڦريندڙ 5 رڪني گينگ گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 3 عورتون پڻ شامل آهن. ايس پي سٽي جي بيان موجب جوابدار عورت شهرين کي گهرائي نشو ڏيندڙ چانهه پياري غير اخلاقي وڊيوز ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ رقم وصول ڪئي. تحقيقات جي مطابق جوابدار عورت متاثر شخص جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ قرض جي رقم واپس وٺڻ جي بهاني کيس گهر گهرايو. گينگ جي ٻين ميمبرن پڻ غير اخلاقي وڊيوز جي ڌمڪي ڏئي وڌيڪ 5 لک روپين جو مطالبو ڪيو، جنهن تي پوليس فوري ڪاروائي ڪندي جوابدارن کي گرفتار […] - [پاڪستان جي شھرين پاران پيٽروليم شين تي ڏنل ٽيڪس جي مڪمل تفصيل](https://dailykalyan.com/latest/1734/): پاڪستان جي شھرين جي پيٽروليم مصنوعات تي ادا ڪيل ٽيڪس جي مڪمل ڄاڻ ظاھر ڪئي وئي آھي. ذريعن پاران انڪشاف ڪيو ويو آھي ته پيٽروليم ڊويزن جي موجب في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 37 سيڪڙو ٽيڪس شامل آھي. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جي بيان مطابق ھڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 96 روپيا 28 پيسا يعني 37 سيڪڙو ٽيڪس شامل آھي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته ھڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 34 سيڪڙو ٽيڪس شامل آھن، مثال طور ھڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 94 روپيا 92 پيسا ٽيڪس جي مد ۾ ورتا وڃن ٿا. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن […] - [وڊيو: نيپا چورنگي تي کليل مين ھول ۾ ٻار جي ڪرڻ جي سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي وئي](https://dailykalyan.com/latest/1730/):  نيپا چورنگي تي کليل مين ھول ۾ ٻار جي ڪرڻ جي سي سي ٽي وي فوٽيج - [''يوٽيوب ري ڪيپ“ يوٽيوب جو نئون فيچر](https://dailykalyan.com/latest/1723/): يوٽيوب هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي. يوٽيوب ري ڪيپس، جيڪو صارفين کي سال ڀر ۾ ڏٺل وڊيوز، موضوعن ۽ چينلز جي تفصيل ڏيندو. هي فيچر سوشل ميڊيا اسٽوري فارميٽ ۾ آهي ۽ 12 ڪارڊن تي مشتمل آهي، جن تي ڪلڪ ڪري معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. يوٽيوب ايپ ۾ “يو” ٽيب ۾ ري ڪيپ بينر ڏسي سگهجي ٿو يا www.youtube.com/recap تي وڃي به ڏسي سگهجي ٿو. جيڪڏهن صارف 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ موسيقي ٻڌي آهي ته ان کي ميوزڪ سمرِيز ۾ ڏسي سگهندو. ياد رهي ته هي فيچر دنيا جي سڀني علائقن ۽ ٻارن جي اڪائونٽن لاءِ دستياب ناهي. - [ڪراچي ۾ ننڍڙي ٻار کي ٻاهرئين ملڪ اسمگل ڪرڻ جو ڪيس سامهون اچي ويو](https://dailykalyan.com/latest/1720/): وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ننڍڙي ٻار کي ٻاهرئين ملڪ اسمگل ڪرڻ جو ڪيس سامهون اچي ويو. ڪيس ۾ گرفتار ملزمه ڪرن سهيل ۽ ليڊي ڊاڪٽر ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، ملزمه ڪرن سهيل کان هٿ ڪيل ٻار کي به ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. ڪيس ۾ نامزد چئن جوابدار ضمانت تي آزاد آهن، ايف آءِ اي موجب 9 جون تي خاتون ڪرن 15 مهينن جي زيان سان گڏ جناح ايئرپورٽ تان موزمبيق وڃي رهي هئي ته ڳجهن ذريعن کان معلوم ٿيو ته ڪرن جنهن ٻار کي کڻي وڃي رهي آهي اهو ان جو اصل پٽ ناهي. ايف آءِ اي موجب […] - [صدر ڪرغزستان صادر جپاروف ٻن ڏينھن جي دوري تي اسلام آباد پھچي ويا](https://dailykalyan.com/latest/1716/): ڪرغزستان جا صدر صادر جپاروف ٻن ڏينھن جي دوري تي اسلام آباد پھچي ويا، صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شھباز شريف ڪرغزستان جي صدر کي آجو ڏنو. ايئرپورٽ تي وفاقي ڪابينا جا رڪن ۽ وڏا آفيسر به ڪرغزستان جي صدر کي آجو ڏيڻ لاءِ موجود هئا. اسلام آباد پهچڻ تي معزز مهمان کي گن سلامي ڏني وئي. ٻنهي ملڪن جا جهنڊا کنيو ٻارن مهمانن کي آجو ڏنو، ثقافتي لباس ۾ سجيل ٻارن ڪرغزستان جي صدر کي گل ڏنا. ڪرغزستان جي صدر، صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شھبازشريف سان سٺيون ڳالهيون ڪيون. - [وڊيو: حيدرآباد ڪوهسار روڊ تي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل تي سوار پوليس اهلڪارن کي ٽڪر](https://dailykalyan.com/latest/1711/): حيدرآباد: لطيف آباد جي علائقي ڪوھسار روڊ تي ھڪ تيز رفتار گاڏي موٽرسائيڪل تي سوار پوليس عملدارن کي زور سان ٽڪر ھنيو جنهن ڪري موٽرسائيڪل تي سوار پوليس ٻئي عملدار سخت زخمي ٿي پيا. خبر موجب اھي عملدار پنھنجي ڊيوٽي تان واپس وڃي رھيا ھئا. سندن سڃاڻپ طارق ۽ خالد جي نالن سان ٿي آھي، ٻئي پوليس عملدار شهيد عزيز بلوچ پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ مقرر ھئا. - [غوثپور: ذاتي جهڳڙي جي نتيجي ۾ چاچي پنهنجي ئي ڀائٽي کي چاقو سان حملو ڪري کيس ماري وڌو](https://dailykalyan.com/latest/1708/): غوثپور جي ڳوٺ ڪرمپور ۾ ذاتي جهڳڙي تان هڪ جوابدار چاچي پنهنجي ڀائٽي تي چاقو سان حملو ڪري کيس ماري وڌو. نوجوان آصف علي ملڪ کي سندس چاچي پناهه ملڪ چاقو هڻي زخمي ڪري وڌو، جنهن کي سندس گھرڀاتين فوري طور تي ڪرمپور جي گورنمينٽ اسپتال ۾ کڻي ويا، جتان کيس وڌيڪ علاج لاءِ سکر منتقل ڪيو ويو، پر هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. اطلاع موجب جوابدار پناهه ملڪ واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن جي خلاف هن وقت تائين ڪوبه قانوني ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي. - [جڊيشل ڪميشن پاران سنڌ، بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ لاءِ نالن جي منظوري](https://dailykalyan.com/latest/1705/): جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي لاءِ جسٽس ظفر راجپوت ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي لاءِ جسٽس ڪامران خان ملاخيل جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٽن سينيئر ججن جي نالن تي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن ۾ جسٽس ظفر احمد راجپوت جي نالي جي منظوري ڏني وئي. ٻئي اجلاس ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي مستقل چيف جسٽس جي مقرري لاءِ ٽن سينيئر ججن جي نالن تي غور ڪيو ويو، جن ۾ جسٽس ڪامران خان […] - [ڪراچي: قتل ڪري ڀڄندڙ هٿياربند کي مقامي شهرين کَمڀي سان ٻڌي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو](https://dailykalyan.com/latest/1702/): ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ ھڪ نوجوان جي قاتل ڌاڙيل کي شهرين پاران ٿنڀي سان ٻڌي جيئرو ساڙيو ويو. اورنگي ٽائون سيڪٽر 7 بلوچ ڳوٺ ۾ ڌاڙي دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڌاڙيلن فائرنگ ڪري عبدالحنان نامي شخص کي قتل ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ جڏهن ڌاڙيل فرار ٿيڻ لڳا ته هڪ ڌاڙيل کي شهرين پڪڙي ورتو. غصي ۾ آيل ماڻهن ڌاڙيل کي بجلي جي ٿنڀي سان ٻڌي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ پيٽرول وجهي کيس باهه ڏئي ڇڏي. عين شاهدن موجب ڌاڙيل دانهون ڪندو رهيو پر غصي ۾ آيل ماڻهن سندس ڪا به نه ٻڌي، اطلاع ملڻ تي […] - [افسوس 27 هين ترميم تڪراري بڻجي وئي آهي، سرزد غلطيون سڌاريون وڃن: مولانا فضل الرحمان](https://dailykalyan.com/latest/1694/): جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته آئين ۾ 27 هين ترميم دوران جيڪي غلطيون سرزد ٿيون آهن، انهن کي درست ڪري آئين کي مڪمل ڪيو وڃي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ هڪ اهڙو فورم آهي، جتي اسين باهمي مشاورت سان معاملن کي حل ڪريون ٿا، اسان جي اها ڪوشش هجڻ گهرجي ته آئين ڪنهن به قسم جي تڪرار جو سبب نه بڻجي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته 27 هين ترميم تڪراري بڻجي وئي آهي، 1973ع ۾ مرحوم ڀٽو صاحب اڪثريت هوندي به ڳالهيون ڪيون […] - [ڪراچي: 14 ٽن منشيات هٿ، سرڪاري عملدار به منشيات جي واپار ۾ ملوث](https://dailykalyan.com/latest/1691/): اسپيشل انٽيليجنس يونٽ، سي آءِ اي، ۽ اسپيشل ٽاسڪ فورس ڪراچي ۾ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جي منشيات هٿ ڪئي. گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا پريس ڪانفرنس ۾ ڪامياب ڪارروائي تي پوليس ٽيم لاءِ 10 لک رپين جو انعام اعلان ڪيو. انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڇاپن دوران 508 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات ضبط ڪئي وئي، جنهن ۾ 468 پيڪٽ چرس ۽ 540 آئس پيڪٽ شامل آهن. 13 شڪي ماڻهو گرفتار، جن ۾ اي اي ٽي او جاويد شيخ شامل آهي، جنهن جي گهر مان 50 ڪلو چرس ۽ 10 ڪلو آئس هٿ […] - [ڪراچي: غائب سب انسپيڪٽر لال بخش منظرعام تي، تشدد ۽ اغوا جا الزام](https://dailykalyan.com/latest/1688/): ڪراچي: گذريل ڏينھن کان غائب بن قاسم ٿاڻي جو سب انسپيڪٽر لال بخش منظرعام تي اچي ويو آھي. سب انسپيڪٽر لال بخش الزام ھنيو آھي تہ گذريل رات ايس ايڇ او بن قاسم کيس پنھنجي ڪمري ۾ گھرايو ۽ چيو تہ زير حراست ملزم کي مقابلي ۾ ماريو وڃي، سندس انڪار ڪرڻ تي ايس ايڇ او کيس تشدد جو نشانو بڻايو. لال بخش جو چوڻ آھي تہ ايس ايڇ او سندس سرڪاري پستول ۽ موبائل فون کسي ورتو، جڏھن ھو ٿاڻي مان ٻاھر نڪري رھيو ھو تہ چئن ماڻھن کيس اغوا ڪري ورتو. سب انسپيڪٽر موجب ھٿياربند ماڻھو کيس پري […] - [ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري سري لنڪا جو شيڊول جاري](https://dailykalyan.com/latest/1685/): پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (PCB) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري سري لنڪا جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي جي مطابق، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جنوري ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ سري لنڪا جو دورو ڪندي. سيريز جا ٽيئي ٽي ٽوئنٽي ميچز دمبولا اسٽيڊيم ۾ 7، 9 ۽ 11 جنوري تي منعقد ڪيا ويندا. واضح رهي ته اهِ دورو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي تياري جي لاءِ نهايت ئي اهم آهي. ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين کيڏيو ويندو. پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجا ميچز […] - [16 سالن جي ٻارن کي ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي گرفتاري نه ٿيندي، کين سمارٽ ڪارڊ ۽ لائسنس ملندا](https://dailykalyan.com/latest/1682/): وزيراعليٰ مريم نواز ننڍڙن شاگردن کي ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪرڻ کان منع ڪندي ناراضگي ظاهر ڪئي آهي. پنجاب ۾ 16 سالن جي ٻارن کي سمارٽ ڪارڊ ۽ موٽرسائيڪل لائسنس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هيلمٽ نه پائڻ تي پهرين ڀڃڪڙي تي وارننگ ڏني ويندي. سڄي پنجاب ۾ ٽريفڪ پوليس عوام ۽ شاگردن لاءِ آگاهي مهم هلائيندي ۽ ٽريفڪ جي نگراني لاءِ ڊرون ۽ باڊي ڪيم استعمال ڪيا ويندا. وزيراعليٰ چيو ته والدين کي ٽريفڪ قانونن جي وڌيڪ ذميواري کڻڻ گهرجي، ٽريفڪ قانون عوام جي زندگين جي حفاظت لاءِ آهن ۽ هر شهري کي […] - [سياست هڪ اچڻ وڃڻ واري شيءِ آهي، ليڪن انساني زندگي ان کان وڌيڪ قيمتي آهي: شرجيل ميمڻ](https://dailykalyan.com/latest/1679/): صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته سياست هڪ اچڻ وڃڻ واري شيءِ آهي ليڪن انساني زندگي ان کان وڌيڪ قيمتي آهي، تنهن ڪري جنهن به ڪوتاهي ڪئي آهي ان جي خلاف لازمي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڪراچي ۾ کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙي جي باري ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ صاحب جو چوڻ هو ته جنهن ڪنهن جي به اها ذميواري هئي، ۽ جيڪڏهن هن اها ذميواري پوري ناهي ڪئي ته ان کي سزا ملڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن اها ذميواري منهنجي هئي ته پوءِ مون کي به سزا ملڻ گهرجي. هن […] - [اوگرا پاران في ڪلو ايل پي جي جي اگهن ۾ 7 رپيا 39 پئسا جو اضافو](https://dailykalyan.com/latest/1676/): آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پاران ايل پي جي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي مطابق، ايل پي جي جي قيمت ۾ في ڪلو 7 رپيا 39 پئسا جو اضافو ٿيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب 11.8 ڪلوگرامن تي مشتمل ايل پي جي جو گھريلو سلنڈر 87 رپيا 21 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي. في ڪلو ايل پي جي جي نئين قيمت 208 رپيا 99 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گھريلو سلنڈر جي نئين قيمت 2466 رپيا 10 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. اوگرا جي نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته […] - [ڪراچي ۾ رينجرز جي مقرري ۾ هڪ سال جي واڌ، سنڌ ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي](https://dailykalyan.com/latest/1673/): سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ رينجرز جي مقرري ۾ هڪ سال جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وڏي وزير سنڌ جي ترجمان مطابق رينجرز دهشتگردي روڪٿام ايڪٽ تحت اختيارين سان گڏ پوليس جي مدد جاري رکندي. سنڌ رينجرز جي مقرري جي نئين مدت 9 ڊسمبر 2025 کان شروع ٿيندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس اڄ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا ڊي ايڇ اي پائپ لائن منصوبي لاءِ پاڻي جي اگهن ۾ نظر ثاني جي منظوري ڏني، ڊي ايڇ اي لاءِ پاڻي جي قيمت 0.85 رپين مان گھٽائي 0.60 رپيا في گيلن مقرر […] - [ڪراچي ۾ 23 آڪٽوبر کان گٽر جي ڍڪڻ نه هجڻ جون 1543 شڪايتون درج ٿيون](https://dailykalyan.com/latest/1670/): ڪراچي ۾ شهرين 23 آڪٽوبر کان 1 ڊسمبر تائين 40 ڏينهن ۾ گٽر جي ڍڪڻ نه هجڻ جون 1543 شڪايتون جمع ڪرايون. نيپا چورنگي واقعي کان پوءِ انڪشاف ٿيو ته 40 ڏينهن ۾ گٽر جي ڍڪڻ نه هجڻ جون 1500 کان وڌيڪ شڪايتون مليون، جن مان 1449 شڪايتون 25 ٽائونز مان هيون. واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن ٻڌايو ته ڍڪڻ نه هجڻ جون سڀ کان وڌيڪ 169 شڪايتون ناظم آباد ٽائون کان موصول ٿيون ۽ نيو ڪراچي ٽائون مان کليل مين هولز بابت 149 شڪايتون مليون آهن. - [شهر قائد ۾ وڪرو ٿيندڙ کير انساني استعمال جي لائق ناهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير جي ڪوالٽي رپورٽ پيش](https://dailykalyan.com/latest/1667/): عدالت ۾ پيش ڪيل هڪ ليبارٽري رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته شهر قائد ۾ کير جا سمورا نمونا مضر صحت نڪتا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير جي قيمتن بابت ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ معائنہ ٽيم کير جي ڪوالٽي جي رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ موجب کير جا سمورا نمونا غير معياري ۽ صحت لاءِ نقصانڪار آهن، کير جو ڪوبه نمونو انساني استعمال جي لائق نه هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ليبارٽري رپورٽ رڪارڊ جو حصو بڻائڻ ۽ ڪمشنر ڪراچي کير جي قيمتن جو نوٽيفڪيشن پيش ڪيو، جنهن ۾ ڊيري فارمز لاءِ 200 ۽ ريٽيلرز لاءِ 220 رپيا في ليٽر مقرر […] - [غيرقانوني پارڪنگ ڪندڙ گاڏين لاءِ اي چالان جو نئون منصوبو شروع](https://dailykalyan.com/latest/1664/): ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاھ غيرقانوني پارڪنگ ڪندڙ گاڏين لاءِ اي چالان جو نئون منصوبو شروع ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاھ اجلاس ۾ بريفنگ ڏني ته روڊن تي ٽريفڪ مسئلن جو سبب بڻجندڙ غيرقانوني پارڪنگ جا اي چالان ڪيا ويندا. ڪراچي جي وڏي بلديہ جو چوڻ آهي ته انتهائي خطرناڪ پيادلن لاءِ ٺهيل پُلن جي سڌاري لاءِ اهم قدم کنيا ويندا، پهرئين حصي ۾ 20 پُلن جي مرمت جو ڪم جاري آهي. گڏجاڻي ۾ ٽريفڪ جي رش جو سبب بنجندڙ گاڏين جي بيهارڻ بابت واپاري عمارتن جي هيٺين منزلن تي گاڏين جي […] - [پوليس موبائل تي خودڪش حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد، اي ايس آءِ سميت 5 اهلڪار زخمي](https://dailykalyan.com/latest/1660/): خيبرپختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ پوليس موبائل تي خودڪش حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿي ويا. پوليس موجب لڪي مروت ۾ تجوڙي ۾ ڪٽوخيل اڏي جي قريب پوليس موبائل تي خودڪش حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد جڏهن ته اي ايس آءِ سميت 5 اهلڪار زخمي ٿي ويا. پوليس حڪام جو چوڻ آهي ته زخمي اهلڪارن کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال لڪي مروت منتقل ڪيو ويو، ڊي پي او نذير خان جي قيادت ۾ پوليس علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. - [شھر قائد جي اھم شاھراھن تي رڪشائن جي داخلا تي پابندي لاڳو](https://dailykalyan.com/latest/2017/): شھر قائد جي 20 اھم شاھراھن تي 3 ۽ 5 سيٽن وارين رڪشائن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي. ڪراچي جي 20 اھم شاھراھن تي رڪشائن جي داخلا بابت پابندي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. ان نوٽيفڪيشن جي مطابق، ڪراچي ۾ رڪشائن جي پابندي وڌائي 26 مرڪزي شاھراھن تائين ڪئي وئي آھي. ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي سفارش تي ڪراچي ۾ رڪشائن جي آمد رفت کي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شارع فيصل کان آءِ آءِ چندريگر روڊ تائين رڪشائن جي اچ وڃ تي مڪمل پابندي فوري طور تي لاڳو ڪئي وئي. ڪراچي جي 20 روڊن […] - [وڊيو: لودھراں ۾ 7 سالن جو ٻار کليل مين ھول ۾ ڪري فوت، ڊپٽي ڪمشنر کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم](https://dailykalyan.com/latest/1871/): لودھراں جي علائقي دنوٽ ۾ هڪ 7 سالن جو ٻار کليل مين ھول ۾ ڪري فوت ٿي ويو. ريسڪيو عملدارن موجب ٻار ريحان والد سان گڏ ناشتو وٺڻ لاءِ آيو هو ۽ پيءُ جي پٺيان هلندي، مين ھول ۾ ڪري پيو. ريسڪيو اهلڪارن ٻن ڪلاڪن جي جدوجهد کان پوءِ ريحان جو لاش ٻاهر ڪڍيو.   پوليس پاران روڊ جي تعمير ڪندڙ ٺيڪيدار ۽ سب انجنيئر جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز فوت ٿيل ٻار جي گهروارن سان ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي سندس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم صادر ڪيو. […] - [وزيراعظم شهباز شريف سان بائنانس جي سينيئر قيادت جي ملاقات](https://dailykalyan.com/latest/1867/): وزيراعظم شهباز شريف سان بائنانس جي سينيئر قيادت ملاقات ڪئي.بائنانس جي سينيئر قيادت بشمول گلوبل سي اي او رچرڊ ٽينگ ملڪ جي اعليٰ قيادت سان ملاقات لاءِ اسلام آباد جو دورو ڪيو.بائنانس جي سينيئر قيادت وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ چيئرمين پاڪستان ورچوئل ايسٽ ريگيوليٽري اٿارٽي بلال بن ثاقب پڻ شرڪت ڪئي.ملاقات ۾ وزيراعظم ڊجيٽل اثاثن جي ضابطن لاءِ مضبوط عزم جو اعادو ڪيو. بلال بن ثاقب پنهنجي اداري جي ڪارڪردگي کان آگاه ڪيو. - [اسلام آباد: اسڪوٽي حادثي ۾ فوت ٿيل 2 نياڻين جي وارثن جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو](https://dailykalyan.com/latest/1863/): اسلام آباد: اسڪوٽي حادثي ۾ فوت ٿيل 2 نياڻين جي وارثن جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ جوڊيشل مجسٽريٽ شائسته ڪنڊي جي عدالت ۾ گرفتار جوابدار ابوذر کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ پوري ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت جي سامهون متاثر خاندانن جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو. هڪ نياڻي جو ڀاءُ عدالت ۾ بيان ڏيڻ آيو هو ۽ والده جو آن لائن بيان رڪارڊ ڪيو ويو. ٻي فوت ٿيل نياڻي جي والد جو بيان عدالت ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. ٻنهي خاندانن ۾ صلح ٿيڻ کانپوءِ جوابدار جي خلاف ڪيس […] - [جيڪب آباد: عام انسان تحريڪ جو ضلعي اجلاس، عام انسان اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي نئين باڊي جو اعلان](https://dailykalyan.com/latest/1860/): جيڪب آباد ۾ عام انسان تحريڪ جو ضلعي اجلاس ضلعي صدر الطاف ميراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مرڪزي اڳواڻ سيد علي شاھ ۽ عابد علي سنڌي پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تنظيمي معاملن ۽ تحريڪ جي مستقبل جي لائح عمل تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. گڏجاڻي دوران عام انسان اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي نئين باڊي جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ ايان علي بلوچ کي صدر، احسان علي ڀٽو کي نائب صدر، امتياز لاشاري کي جنرل سيڪريٽري منتخب ڪيو ويو مرڪزي اڳواڻن نوجوان عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته نوجوان ڪنهن به تحريڪ جي ريڙھ جي هڏي هوندا آهن. […] - [دادو: پوليس پاران راشد ڪمانگر کي گھران گرفتار ڪرڻ، رشوت وٺڻ ۽ منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ تي سندس ڀاءُ پاران عدالت ۾ شڪايت درج](https://dailykalyan.com/latest/1857/): دادو: سيشن جج دادو جي عدالت ۾ راشد ڪمانگر کي بيگناھ منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. گرفتار ٿيل راشد جي ڀاءَ آصف ڪمانگر عدالت آيو ۽ شڪايت ڪئي ته ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او طارق لاکير، 15 انچارج ۽ ٻين اهلڪارن سندس ڀاءَ سان گهر ۾ گهڙي ڦر لٽ ڪئي ۽ گرفتار ڪيو، آزاد ڪرڻ لاء 70 هزار روپيا رشوت به ورتي ۽ ڪيس منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو. سيشن جج پاران ايس ايڇ او تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پچهيو ويو ته ساک کڻندي تو راشد کي گهران […] - [ڪراچي: سول اسپتال ۾ نون ڄاول ٻارن ۾ پيليا جي تڪڙي سڃاڻپ لاءِ جديد اوزار متعارف](https://dailykalyan.com/latest/1854/): ڪراچي جي سول اسپتال ۾ نون ڄاول ٻارن ۾ پيليا جي تڪڙي سڃاڻپ لاءِ جديد اوزار ٽرانس ڪيوٽينيئس بلي روبينوميٽر (Transcutaneous Bilirubinometer) متعارف ڪيو ويو آهي. ماهرِ اَمراضِ اطفال پروفيسر اقبال ميمڻ موجب ٽرانس ڪيوٽينيئس بلي روبينوميٽر جي مدد سان ڪجھ سيڪنڊن ۾ پيليا جي شرح معلوم ٿي سگھندي ۽ ان سان گڏ ٻارن جو رت کانسواءِ پيليا جو ٽيسٽ ٿي سگھندو. ماهر اَمراضِ اطفال جو ٻڌائڻ آهي ته پھريون ٽيسٽ جو رزلٽ ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ ايندو هو، ھاڻي فوري رزلٽ دستياب ٿيندو جنھن سان پيليا ۾ مبتلا ٻارن جو فوٽوٿراپي سان علاج ڪيو ويندو آهي. پروفيسر اقبال ميمڻ […] - [لاهور جي جنرل اسپتال مان جعلي ليڊي ڊاڪٽر گرفتار، ڪيس داخل](https://dailykalyan.com/latest/1798/): لاهور جي جنرل اسپتال مان پوليس هڪ جعلي عورت ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي۔ پوليس موجب جوابدار سونيا بي بي پاڻ کي ڊاڪٽر ظاهر ڪري مريضن جي وارثن کان رشوت وصول ڪري رهي هئي، رڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته هوءَ ڊاڪٽر ناهي۔ پوليس مطابق سونيا بي بي جو تعلق چڪ منگلا، ميرپورخاص سان آهي ۽ هوءَ پنهنجي علائقي ۾ به پاڻ کي ڊاڪٽر طور پيش ڪندي هئي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪيترن شهرين کان ڊاڪٽر بڻجي هزارين روپيا وصول ڪري چڪي آهي، جنهن خلاف مقدمو داخل ڪيو ويو آهي۔ - [چين پاران فلسطين کي سئو ملين آمريڪي ڊالرن جي مالي مدد](https://dailykalyan.com/latest/1795/): چين پاران فلسطين ۾ انساني بحران کي ختم ڪرڻ ۽ خوراڪ جي قلت واري صورتحال کي بهتر بنائڻ جي لاءِ فلسطين کي هڪ سئو ملين آمريڪي ڊالرن جي مالي مدد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خبرن جي ايجنسي جي مطابق، چين جي صدر شي جن پنگ جي طرفان ڪيل هن امداد تي فلسطيني صدر محمود عباس دلي گهرائي سان سندس ٿورا مڃيا ۽ چيو ته چيني صدر جو هي سخي عطيو ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ مضبوط دوستي ۽ انصاف جي لاءِ چين جي پختي ارادي جو مظاهرو ڪري ٿو. رپورٽ موجب، صدر محمود عباس عالمي سطح […] - [حڪومت پاران ٽريفڪ قوانين ۾ سختي، هيلمٽ جا اگهه 4-5 هزار رپين تائين پهچي ويا](https://dailykalyan.com/latest/1792/): پنجاب حڪومت پاران ٽريفڪ جي ضابطن تي سخت عمل ڪرائڻ جي نتيجي ۾ هيلميٽ وڪڻڻ وارن جي خوب ڪمائي ٿي رهي آهي۔ دڪاندارن منافعو وٺڻ ۾ تمام گهڻو واڌارو ڪيو آهي، ڪجهه هفتا اڳ جيڪو هيلميٽ 500 کان 700 روپين تائين ملي رهيو هو، اهو هاڻي 2 هزار کان 4 هزار 500 تائين وڃي پهتو آهي۔ فيصل آباد ۾ هيلميٽ جي لازمي شرط تي سختي سان عمل ٿيڻ کانپوءِ موٽر سائيڪل هلائيندڙن جون مشڪلاتون وڌي ويون آهن، هڪ طرف ٻه هزار جو چالان آهي ته ٻئي طرف دڪاندارن به موقعي جو فائدو وٺندي هيلميٽ جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن۔ خريدارن […] - [صدر جي منظوري کان پوءِ فیلڊ مارشل عاصم منير پاڪستان جا پھريان چیف آف ڊیفنس فورسز مقرر](https://dailykalyan.com/latest/1789/): ملڪ جي صدر آصف علي زرداري فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي آرمي اسٽاف جو سربراهه ۽ دفاعي طاقتن جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي رضامندي ڏئي ڇڏي. وزير اعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آرمي اسٽاف جي سربراهه ۽ دفاعي طاقتن جي سربراهه طور مقرري جي درخواست منظور ڪرڻ کانپوءِ صدارتي محل ڏانهن اماڻي هئي. سرڪاري بيان موجب ملڪ جي صدر آرمي اسٽاف جي سربراهه کي دفاعي طاقتن جي سربراهه طور 5 سالن لاءِ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ملڪ جي صدر ايئر چيف مارشل ظهير احمد سڌو جي نوڪري جي مدي ۾ 2 سالن جي واڌ […] - [کُهڙا: گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول جو ٽٽل گيٽ شاگردين لاءِ خطرو](https://dailykalyan.com/latest/1786/): کُهڙا ۾ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول جو گيٽ ٽُٽل حالت ۾ هُجڻ ڪري شاگردياڻيون خوف جي عالم ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن. والدين ۽ شاگردياڻين جو چوڻ آهي ته ڪنهن به وقت ڪو وڏو حادثو رُونما ٿي سگهي ٿو. انتظاميا کان فوري طور تي مرمت ڪرائي شاگردياڻين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. - [ڪراچي ۾ ڀتا خوري جا ڪيس گهٽ، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو دعويٰ](https://dailykalyan.com/latest/1783/): آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ ڀتا خوري جا ڪيس نه هجڻ جي برابر آهن۔ ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته ڪراچي ۾ ڀتا خوري جا تمام گهڻا ڪيس رپورٽ ٿيندا هئا، ڀتا خوري سان منهن ڏيڻ لاءِ ٺاهيل يونٽ سي آءِ اي جي ڪاروائين سان ڪيس نه هجڻ جي برابر رهجي ويا آهن۔ هن چيو ته پوليس ڀتا خوري جي واقعن ۾ ترجيحي بنياد تي ڪاروائي ڪندي آهي، ڪيترائي ڀتا خور مقابلن ۾ مارجي ويا يا پڪڙيا ويا۔ آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته هن سال رپورٽ ٿيل 140 جي […] - [اڳوڻي ڪرڪيٽر معين خان جي وفات جي ڪوڙي خبر، صوبائي اسيمبلي ۾ مغفرت جي دعا جي اپيل](https://dailykalyan.com/latest/1778/): اڳوڻي ڪرڪيٽر معين خان جي وفات جي ڪوڙي خبرون، ايم ڪيو ايم جي ميمبر صوبائي اسيمبلي پاران مغفرت جي دعا جي اپيل سوشل ميڊيا تي اڳوڻي ڪرڪيٽر معين خان جي وفات جي ڪوڙي خبرن تي ايم ڪيو ايم جي ميمبر صوبائي اسيمبلي پاران مغفرت جي دعا جي اپيل ڪئي وئي. صوبائي اسيمبلي جي اجلاس دوران، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ صابر قائمخاني، معين خان جي وفات جي ڪوڙي خبر تي افسوس جو اظهار ڪندي مغفرت جي دعا جي درخواست ڪئي. اجلاس ۾ حاضر ميمبرن فوري طور تي کيس مداخلت ڪندي ٻڌايو ته ڪرڪيٽر معين خان جي وفات جي خبر […] - [صدر آصف علي زرداري ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر ژاپاروف ايوان صدر ۾ ملاقات](https://dailykalyan.com/latest/1774/): صدر آصف علي زرداري ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر ژاپاروف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، جيڪا 20 سالن کانپوءِ ڪرغزستان جي ڪنهن صدر جو پاڪستان جو پهريون دورو آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن واپار، اقتصادي رابطا وڌائڻ ۽ CASA-1000 منصوبي تي ڳالھ ٻول ڪئي. پاڪستان ڪرغزستان کي واپاري رستو ڏيڻ ۽ سڌيون پروازون شروع ڪرڻ جي آڇ ڪئي. صدر زرداري ڪرغزستان جي شاگردن ۽ ورڪرز جي ميزباني ڪرڻ تي ڪرغز حڪومت جي مهرباني ادا ڪئي. ٻنهي اڳواڻن توانائي، واپار، تعليم ۽ رابطن کي وڌائڻ جو پڻ عزم ڪيو. ان کان سواءِ ڪرغز صدر عورتن لاءِ 30 سيڪڙو سيٽن واري نئين […] - [صدر ن ليگ نواز شريف گوجرانوالا ماس ٽرانزٽ پراجيڪٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي](https://dailykalyan.com/latest/1771/): پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف گوجرانوالا ماس ٽرانزٽ پراجيڪٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. گوجرانوالا ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ هڪ خصوصي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف ۽ وزير دفاع خواجه محمد آصف خاص طور تي شريڪ ٿيا. اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته ماس ٽرانزٽ پراجيڪٽ گوجرانوالا جي ماڻهن جو جائز حق آهي جيڪو کين گهڻو اڳ ملي وڃڻ گهرجي ها، گوجرانوالا جي ترقي ۽ عوام کي سهولت ملڻ تي کيس انتهائي خوشي آهي. اجلاس ۾ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ بلال […] - [لاهور: ڊيوٽي دوران ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ تي ٽي پوليس اهلڪار برطرف، ڊيوٽي دوران غير مناسب سرگرمين جي اجازت نه آهي](https://dailykalyan.com/latest/1768/): لاهور ۾ ڊيوٽي دوران ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ جي ڪري ٽن پوليس اهلڪارن کي ملازمت تان برطرف ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب واقعي جي خبر پوڻ کانپوءِ ايس پي ماڊل ٽائون فوري طور تي ڪاروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ترجمان وڌيڪ چيو ته اهلڪارن جي اهڙي رويي کي پوليس سروس جي ضابطن ۽ عوام جي اعتماد جي خلاف سمجهيو ويو آهي، ان ڪري وڊيو منظر عام تي اچڻ کانپوءِ، کين برطرف ڪرڻ جو فيصلو فوري طور تي عمل ۾ آندو ويو، ته جيئن قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي ساک تي ڪو سوال نه اٿي. هن واضح ڪيو ته پوليس اهلڪارن […] - [2025 جو آخري سپرمون اڄ ڏسڻ ۾ ايندو](https://dailykalyan.com/latest/1765/): پاڪستان ۾ ھن سال جو آخري سپر مون اڄ ڏسڻ ۾ ايندو. اسپارڪو جي مطابق سال 2025 جو آخري سپرمون اڄ شام 4 بجي 58 منٽن تي شروع ٿيندو، جيڪو سڀاڻي صبح 4 بجي 15 منٽن تي پنھنجي عروج تي پھچندو. اڄ جو سپرمون 2025 جو آخري ۽ سال جو ٽيون سپرمون ھوندو. سپر مون شام جي وقت اوڀر طرف طلوع ٿي رات جي آسمان ۾ سڀ کان مٿي نظر ايندو. ڊسمبر جي سپر مون کي “ڪولڊ مون” بہ چيو ويندو آھي. ان جو نالو “ڪولڊ مون” ان ڪري رکيو ويو آھي ڇاڪاڻ تہ اھو سال جي سرد ۽ اونداھين […] - [هندوستان جي ايئرلائن انڊيگو طرفان 1200 کان وڌيڪ اڏامون رد، هڪ ڏينهن اڳ به 1232 پروازون رد ڪيون ويون](https://dailykalyan.com/latest/1762/): هندوستان جي سڀ کان وڏي ايئرلائن انڊيگو (IndiGo) کي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي آپريشنل بحران کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جنهن جي ڪري 1200 کان وڌيڪ پروازون رد ڪيون ويون آهن. هندوستاني ميڊيا مطابق ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هزارين مسافر ايئرپورٽن تي موجود آهن ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان صورتحال معمول تي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. انڊيگو (IndiGo) هڪ ڏينهن اڳ به 1232 پروازون رد ڪيون هيون، جڏهن ته سوين فلائٽس دير جو شڪار ٿيون، جنهن جي ڪري هوائي آپريشن تمام گهڻو متاثر ٿيو. مسافرن جو چوڻ آهي ته ايئرپورٽن تي رش وڌي ويو آهي ۽ متبادل […] - [دادو: سعودي عرب ڪمائڻ لاء ويل نوجوان خودڪشي ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو](https://dailykalyan.com/latest/1942/): دادو: سعودي عرب ۾ روزگار جي سلسلي ۾ ويل نوجوان ذاتي تڪليفن کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي ختم ڪري ڇڏي. مخدوم بلاول جي ڳوٺ احمد خان برهماڻي جو رهواسي 24 سالن جو نوجوان فياض ولد منظور برهماڻي سعودي عرب جي علائقي شروه ۾ پنهنجي گچي ۾ رسو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي. نوجوان جي وفات جي خبر ملندي ئي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ سندس زال بيهوش ٿي وئي. نوجوان جي وارثن پاران سندس مڙهه کي پاڪستان آڻڻ لاءِ سفارتخاني کان مدد جي درخواست ڪئي وئي آهي. - [خيبر پختونخو ۾ مينهن وسڻ جي اڳڪٿي، صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي پاران الرٽ جاري](https://dailykalyan.com/latest/1759/): ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ مينهن وسڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي پاران الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي (PDMA) جي جاري ڪيل الرٽ موجب، خيبر پختونخوا ۾ اڄ ۽ سڀاڻي مينهن وسڻ جو امڪان آهي. خيبر پختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ 4 ۽ 5 ڊسمبر تي وقفي وقفي سان مينهن ۽ مٿانهن علائقن ۾ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ضلعي انتظاميا کي اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. جاري ڪيل الرٽ موجب، دير، چترال، سوات، ڪوهستان، شانگله، مانسهره، ايبٽ آباد سميت مٿانهن […] - [شھر قائد جي اھم شاھراھن تي رڪشائن جي داخلا تي پابندي لاڳو](https://dailykalyan.com/latest/1750/): شھر قائد جي 20 اھم شاھراھن تي 3 ۽ 5 سيٽن وارين رڪشائن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي. ڪراچي جي 20 اھم شاھراھن تي رڪشائن جي داخلا بابت پابندي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. ان نوٽيفڪيشن جي مطابق، ڪراچي ۾ رڪشائن جي پابندي وڌائي 26 مرڪزي شاھراھن تائين ڪئي وئي آھي. ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي سفارش تي ڪراچي ۾ رڪشائن جي آمد رفت کي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شارع فيصل کان آءِ آءِ چندريگر روڊ تائين رڪشائن جي اچ وڃ تي مڪمل پابندي فوري طور تي لاڳو ڪئي وئي. ڪراچي جي 20 روڊن […] - [”سنڌ جي سڃاڻپ پيار، امن ۽ ڀائيچاري سان آھي“ مريم نواز پاران سنڌي ثقافتي ڏينھن جون واڌايون](https://dailykalyan.com/latest/1697/): وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سنڌ جي عوام کي ثقافتي ڏينھن جون واڌايون ڏيندي چيو ته سنڌي ڀينرن ۽ ڀائرن کي پنجاب جي رهاڪن پاران سلام پيش ڪريان ٿي، مان سنڌ پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ موجود سنڌي برادري کي ثقافتي ڏينھن جون سچي دل سان واڌايون پيش ڪريان ٿي. پنھنجي بيان ۾ مريم نواز جو چوڻ ھو ته سنڌ جي سڃاڻپ پيار، امن ۽ ڀائيچاري سان آھي، جنھن ھميشه پاڪستان جي سڃاڻپ کي مضبوط ڪيو آھي، سنڌي اجرڪ، ٽوپي، وڻندڙ موسيقي ۽ شاعري ملڪ جي ثقافتي سونهن ۾ اضافو ڪري ٿي ۽ پوري دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت چهرو پيش […] ## Pages - [Upload](https://dailykalyan.com/upload/) - [manage](https://dailykalyan.com/manage/) - [Contact Us](https://dailykalyan.com/contact-us/) - [Terms and Conditions](https://dailykalyan.com/terms-and-conditions/): Kalyan News TV By accessing and using https://dailykalyan.com, you agree to be bound by the following Terms and Conditions. Use of Content All content published on Kalyan News TV is for informational and news purposes only.You may not copy, reproduce, or republish any content from this website without prior written permission. Accuracy of Information While we strive to provide accurate and updated information, Kalyan News TV does not guarantee the completeness or accuracy of the content published. External Links Our website may contain links to external websites. We do not have control over the content or policies of these websites […] - [About Us](https://dailykalyan.com/about-us/): Kalyan News TV is an independent digital news platform committed to delivering timely, accurate, and reliable news to its audience. We operate as a digital-first news brand and actively publish news content across social media platforms under the name Kalyan News TV. Our official website, https://dailykalyan.com, serves as the primary platform for publishing news and updates. What We Cover National and International News Politics and Current Affairs Business and Economy Social and Public Issues Trending and Breaking Stories   Our mission is to promote responsible journalism, factual reporting, and transparency while keeping our audience informed. DailyKalyan.com is the official website […] - [وڊيو نيوز](https://dailykalyan.com/video-news/) - [مرڪز](https://dailykalyan.com/) - [Privacy Policy](https://dailykalyan.com/privacy-policy/): At Kalyan News TV, accessible from https://dailykalyan.com , we value the privacy of our visitors. This Privacy Policy document outlines the types of information that are collected and how they are used. Information We Collect When you visit our website, we may automatically collect information such as your IP address, browser type, device information, and pages visited. If you contact us directly, we may collect your name and email address. Cookies Kalyan News TV uses cookies to enhance user experience and analyze website traffic. Google, as a third-party vendor, uses cookies (including the DoubleClick cookie) to serve ads to users […] ## Optional - [Agent (MCP protocol)](websites-agents.hostinger.com/dailykalyan.com/mcp) [comment]: # (Generated by Hostinger Tools Plugin)