نيب چيئرمين جي مقرري بابت چيف جسٽس آف پاڪستان سان مشاورت ڪرڻ بابت درخواست رد

اسلام آباد( آن لائين انڊس، 7 جون، 2022ع) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ چيف جسٽس سان مشاورت ڪرڻ واري درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چوڌري محمد فهد جي دوخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته چيف جسٽس آف پاڪستان سان مشاورت کان بغير نيب چيئرمين مقرري کي روڪيو وڃي، جنهن تي عدالت 2001ع فيصلو ڏنو پر ان تي اڃا تائين عمل ناهي ٿيو.درخواست گذار وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ نيب آرڊيننس جي سيڪشن 6 ترميم جو حڪم ڏنو هو، جيڪو نيب چيئرمين جي مقرري جي مطابق آهي پر 20 سال گذرڻ باوجود نيب آرڊيننس ۾ نيب چيئرمين جي مقرري بابت شق ۾ ترميم نه ناهي ٿي سگهي، انڪري قانون واري وزارت نيب چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان طريقي ۾ ترميم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي.
درخواستگذار وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ جي مشاورت سان نيب چيئرمين مقرر ٿيندو آهي جڏهن سپريم ڪورٽ سيڪشن 6 ۾ ترميم ڪري چيف جسٽس سان مشاورت ڪرڻ جو چيو آهي، پر سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ناهي ٿي سگهيو.