پاڪ فوج، عدالت ۽ ملڪ خلاف بيان ڏيڻ تي عمران خلاف مذمتي قرار داد پيش

اسلام آباد( 6 جون، 2022ع) پاڪ فوج ۽ عدالت خلاف بيان ڏيڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف قومي اسيمبلي ۾ مذمتي قرارداد پيش ڪئي وئي، سردار اياز صادق جو چوڻ آهي ته خبر ناهي ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان کي ڪنهن ڄاڻ ڏني آهي جو هو چئي رهيو آهي ته پاڪستان ٽن حصن ۾ تقسيم ٿي ويندو.قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ن ليگ جي سردار اياز صادق خواهش ظاهر ڪئي ته هو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو انٽرويو ايوان ۾ کڻي آيو آهي ۽ هو اهو انٽرويو ايوان کي پڙهي ٻڌائڻ چاهي ٿو، جنهن کانپوءِ اياز صادق قومي اسيمبلي ۾ عمران خان طرفان ايٽمي پروگرامن، پاڪستان ۽ پاڪ فوج بابت چيل لفظن ۽ انٽرويو خلاف مذمتي قرار داد پيش ڪئي.

June 7, 2022 at 8:11 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open