اڳوڻي حڪومت ۾ بني گالا ڪرپشن جو ڳڙ بڻيل هو: مريم نواز

لاهور(، 6 جون، 2022ع) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ۾ بني گالا ڪرپشن جو مرڪز بڻيل هو، ان مرڪز جو فرنٽ مين پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ فرح گوگي هئي، جنهن نه صرف پنجاب پر پوري ملڪ کي کائي تباهه ڪيو.لاهور ۾ پارٽي سيڪريٽريٽ ۾ سوشل ميڊيا ٽيم کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته گهٽي گهٽي ۽ محلي محلي مان نڪرندڙ انقلاب هن وقت پنهنجون ضمانتون ڪرائي رهيو آهي، سپر پاور کي للڪاريندڙ راهدري واري ضمانت لاءِ پشاور ۾ لڪي ويٺو آهي، ظلم برادشت ڪرڻ آهي ته توهان کي نواز شريف جهڙو جگر رکڻو پوندو.هن وڌيڪ چيو ته ن ليگ جڏهن به اقتدار ۾ ايندي آهي ته کيس تباهه ٿيل پاڪستان ملندو آهي پر خوش قسمتي اها آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف هميشه پاڪستان کي مشڪل مان ڪڍي ڪاميابي ڏياري آهي.

June 7, 2022 at 8:08 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open