پي ٽي آءِ جا ايم اين ايز استعيفائن جي تصديق لاءِ اسيمبلي نه پهتا، اسپيڪر انتظار ڪندو رهيو

اسلام آباد( 6 جون، 2022ع) قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف پنهنجي چيمبر ۾ انتظار ڪندو رهيو پر پاڪستان تحريڪ انصاف جا ميمبر استعيفائن جي تصديق لاءِ اسيمبلي نه پهتا.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي 30 ايم اين ايز ۽ عوام مسلم ليگ جي شيخ رشيد پنهنجي ڏنل استعيفائن جي تصديق لاءِ قومي اسيمبلي نه پهتو، استعيفائون ڏيندڙن ميمبرن لاءِ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سڄو ڏينهن پنهنجي چيمبر ۾ انتظار ڪندو رهيو.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز کي استعيفائن جي تصديق لاءِ اڄ طلب ڪيو ويو هو ۽ هر ايم اين اي کي پنهنجي استعيفيٰ جي تصديق يا ترديد لاءِ 5 منٽن جو وقت مقرر ڪيو ويو هو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف استعيفائون منظور ڪرڻ سميت ٻين معاملن تي ماهرن سان صلاح مشورا ڪيا هئا، جنهن کانپوءِ هُن اڄ پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز کي طلب ڪيو هو پر ڪو به ايم اين اي استعيفيٰ جي تصديق لاءِ قومي اسيمبلي نه پهتو.

June 7, 2022 at 8:03 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open