کاڌي ۾ مسلسل نوڊلز کارائڻ تان شهريءَ پنهنجي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي

نئين دهلي(آن لائين انڊس، پهرين جون، 2022ع) ڀارت جي نئين دهلي ۾ کاڌي ۾ مسلسل نوڊلز کارائڻ تان شهري ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي.
ان ڏس ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت جي جج ايم ايل رگو ناٿ اهڙي طلاق بابت گفتگو ڪندي ٻڌايو ته نوڊلز کارائڻ تي طلاق وارو معاملو بلاڙي ضلعي ۾ پيش آيو آهي، جتي هڪ شهري عدالت کي ٻڌايو ته کيس سندس گهرواري ضبح جي ناشتي، مانجهاندي ۽ رات جي ماني ۾ نوڊلز کارائيندي آهي کيس ٻيو کاڌو پچائڻ ناهي ايندو.
گهرواري کي طلاق ڏيندڙ شهري جو چوڻ آهي ته سندس زال شهر مان گهر جو سامان وٺڻ وئي پر صرف نوڊلز کان سوا هُن ٻيو ڪجهه به نه آندو ۽ هوءَ ٽنهي ويلن تي مونکي نوڊلز ڏيندي آهي جنهن تي تنگ اچي کيس طلاق ڏني آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب عدالت طرفان زال مڙس وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ٻنهي عليحدگي اختيار ڪري ورتي آهي.

June 6, 2022 at 9:37 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open