وزيراعظم جاپاني ڪمپنين کي ملڪ اندر وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد( 6 جون، 2022ع) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جاپان جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپ ڪاري ڪرڻ ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي.
اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جاپاني وفد سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ جاپاني سفير ميتسو هيروواڊ ۽ جاپان جا صنعتي توڙي واپاري اڳواڻ پڻ شريڪ هئا، جنهن دوران وزيراعظم شهباز شريف واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ جاپاني وفد کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جاپاني ڪمپنين کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪميٽي قائم ڪندي هدايت ڪئي ته جاپاني ڪمپنين کي پيش ايندڙ مسئلن کي هڪ هفتي اندر حل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ ايڪسپورٽ پراسسز کي ٽيڪس فري ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.
ان موقعي تي جاپاني ڪمپنين بجلي تي هلندڙ گاڏين، اسپيشل اڪنامڪ، ٽيڪسٽائل سيڪٽر، ٽيلي ڪميوني ڪيشن، آٽو پارٽس ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي دلچسپي ڏيکاري.

June 6, 2022 at 9:36 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open