سنڌ يونيورسٽي جي پوائنٽ بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، 15 شاگردياڻيون زخمي

حيدرآباد( ، 4 جون، 2022ع) حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پوائنٽ بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 کان وڌيڪ شاگردياڻيون زخمي ٿي پيون.
قاسم آباد جي واڌو وٽ سنڌ يونيورسٽي کان شاگردياڻين کي کڻي ايندڙ پوائنٽ بس ۽ ٽڪر ۾ ٿيڻ سبب 15 کان وڌيڪ شاگردياڻيون زخمي ٿي پيون، جڏهن ته واقعي کان حد جي پوليس اڻواقف بڻيل آهي.
واقعي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ شاگردياڻين جا والدين واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جن شاگردياڻين کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتي سندن علاج هلندڙ آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ امتحان ڏيڻ کانپوءِ واپس گهر موٽندڙ شاگردياڻين جي خانگي پوائنٽ بس سان ٽرڪ جو ٽڪر ٿي جنهن جي نتيجي ۾ شاگردياڻيون زخمي ٿي پيون

June 5, 2022 at 10:35 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open