ملڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان ڊائلاگ جي ضرورت آهي: وزيراعظم

لاهور( ، 5 جون، 2022ع) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳتي وڌڻو آهي ته ضد ۽ انا ڇڏڻي پوندي، قومون صفبندي ۽ ڊائلاگ سان ٺهنديون آهن، قرض تي هلندڙ ملڪ ڪيستائين جيئرو رهي سگهي ٿو.؟
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته لوڊشيڊنگ جو مسئلو آهي، ساڍا ٽن سالن جو حساب ورتو ويندو يا رڳو مون کان ٻن مهينن جو حساب ورتو ويندو، دل تي پٿر رکي پيٽروليم شين جا اگهه وڌاياسين.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته بنگالي اسان تي بار نه هئا، پر اُنهن کي بار طور پيش ڪري چيو ويو ته انهن مان جان ڇڏايو، هاڻي بنگلاديش جي ايڪسپورٽ 40 ارب ۽ اسان جي 27 ارب ڊالرز آهي، ملڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڊائلاگ ڪرڻو پوندو، ملڪ کي گرينڊ ڊائلاگ جي سخت ضرورت آهي.

June 5, 2022 at 10:34 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open