ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿيڻ ناممڪن آهي: وفاقي وزير

5 جون، 2022ع) توانائي واري وفاقي وزير خرد دستگير چيو آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ممڪن ناهي پر ڪجهه ڏينهن اندر بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ واضع گهٽتائي ٿيندي.
سولر انرجي ايسوسيئشن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي خرم دستگير چيو ته پاڪستان ۾ هاڻي پيٽرول، ڪوئلي ۽ ڊيزل سان بجلي ٺاهڻ ممڪن ناهي، اسان کي هاڻي سستي بجلي جي منصوبن، سولر ۽ ونڊ پاور پلانٽ ڏانهن وڃڻو پوندو.
وفاقي وزير چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ سولر تي سيلز ٽيڪس ختم ڪيو ويندو، اسان کي مستقل بنيادن تي بجلي ٺاهڻي پوندي، بجلي، گيس ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌ جو سبب اڳوڻي حڪومت طرفان ملڪ کي 56 سئو ارب روپين جو قرضي بڻائڻ آهي.
خرم دستگير وڌيڪ چيو ته سج لهڻ وقت مارڪيٽون بند ڪرڻ جي تجويز تي حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو، اڃان تائين مارڪيٽ بند ڪرڻ جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو.

June 5, 2022 at 10:17 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open