سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سانوڻي جي برسات، گرمي جو زور ٽٽي ويو

حيدرآباد: (اربع 20 اپريل 2022ع) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سانوڻي جي برسات کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي، پکو، لاڙڪاڻو، لعلو رائنڪ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سانوڻي جو پهريون وسڪارو ٿيو آهي.
پکو جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفان سان پوندڙ برسات ۽ ڳڙي سبب علائقي واسين کي ڪافي نقصان پهتو آهي. تيز ڳڙي سان برسات پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. وارهه ۾ ڳڙي سان برسات پوڻ سبب ڪڻڪ جي ديرن کي پڻ نقصان پهتو آهي. هوڏانهن قمبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي.
کنڊو، ۽ ٻين علائقن ۾ ڳڙي سان برسات پئي آھي جنهن سبب ڪڻڪ جي پيل ديرن کي نقصان ٿيو آھي جڏھن ته برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آھي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي آهي.

April 20, 2022 at 11:19 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open