وزيراعظم شهباز شريف جي صدر عارف علوي سان ملاقات

اسلام آباد: (اربع 20 اپريل 2022ع) وزيراعظم شهباز شريف ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي آهي.
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر عارف علوي وچ ۾ مختصر ملاقات ٿي آهي جنهن جو ٽائيم 15 کان 17 منٽ هو. ملاقات کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف ايوان صدر مان روانو ٿي ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم صدر سان ملاقات ۾ چئني صوبن جي گورنرزجي مقرري ۽ وزيراعظم هائوس ۽ ايوان صدر ۾ رنجشون ختم ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون.
ياد رهي ته وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف جي صدر عارف علوي سان اها پهرين ملاقات آهي. صدر طبيعت خراب هجڻ جي آڌار تي وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي هئي ۽ ان جي جڳهه سينيٽ چيئرمين وزيراعظم کان عهدي جو حلف ورتو هو.

April 20, 2022 at 11:18 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open