وفاقي حڪومت ثناءُالله عباسي کي هٽائي رائو طاهر کي نئون ڊي جي ايف آءِ اي مقرر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (اربع 20 اپريل 2022ع) وفاقي حڪومت ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُالله عباسي کي هٽائي رائو طاهر کي جاچ اداري(ايف آءِاي) جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪري ڇڏيو آهي. نئين ڊي جي ايف آءِ اي رائو طاهر 6 سال سي ٽي ڊي پنجاب جي سربراهي ڪئي. جڏهن ته هو ڊي آءِ جي لاهور، فيصل آباد ۽ بهاولپور به رهي چڪو آهي.
رائو طاهر ڊي پي او شيخو پورره، مظفر ڳڙهه ۽ رحيم يار خان جا فرض انجام ڏئي چڪو آهي. جڏهن ته هو آءِ جي بلوچستان جي طور تي به ڪم ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه رائو طاهر ڪراچي ۾ ايس پي او، اي ايس پي جي عهدن تي به ڪم ڪري چڪو آهي. ياد رهي ته ساهيوال سانحي کان پوءِ ان وقت جي آءِ جي سي ٽي ڊي رائو طاهر کي عهدي تان هٽايو ويو هو.
رائو سردار کي آءِ جي سي ٽي ڊي جو اضافي چارج ڏنو ويو هو پر ساهيوال سانحي جي ڪليئرنس کان پوءِ رائو طاهر کي عهدي تي ٻيهر بحال ڪيو ويو هو.

April 20, 2022 at 11:17 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open