صدر عارف علوي گورنر عمران اسماعيل جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي، آغا سراج دراني سنڌ جو وقتي گورنر مقرر

ڪراچي: (سومر 18 اپريل 2022ع) صدر عارف علوي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. ڪابينه ڊويزن استعيفيٰ منظور ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نئين گورنر جي مقرري تائين سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني وقتي سنڌ جي گورنر طور فرض انجام ڏيندو. ياد رهي ته سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل 11 اپريل تي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ عمران اسماعيل چيو هو ته جيئن ئي شهباز شريف حلف کڻندو مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس. نٿو چاهيان ته مون کي به شهباز شريف کي سر چوڻو پوي. هي شخص نااهل آهي. مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽ مان اربين روپيه نڪتا. عمران اسماعيل چيو ته مان هنن جي وزيراعظم کي نٿو مڃان. مون پنهنجي شفٽنگ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.

April 18, 2022 at 11:20 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open