نور عالم خان اڳوڻن وزيرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (سومر 18 اپريل 2022ع) تحريڪ انصاف جي باغي اسيمبلي ميمبر نور عالم خان اڳوڻن وزيرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي نور عالم خان چيو ته هاڻ به چوان ٿو ته اڳوڻن وزيرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ گهرجن. موجوده حڪومت جي وزيرن جا نالا به هينئر کان ئي اي سي ايل ۾ وڌا وڃن. بعد ۾ خبر پوي ٿي ته ڪو پشاور مان ڀڄي رهيو آهي ڪو ڪٿان کان. هر ان ماڻهو احتساب ٿيڻ گهرجي جنهن هيليڪاپٽر ۽ لينڊ ڪروزر جو استعمال ڪيو.
هن مطالبو ڪيو ته يوٽيليٽي اسٽورز تي گيهه، کنڊ ۽ اٽي تي سبسڊي ڏني وڃي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط به ختم ڪئي وڃي. يوٽيليٽي اسٽورز تي سڃاڻپ ڪارڊ کان سواءِ 2 ڪلو کنڊ به نه پئي ڏني وڃي. اها سراسر زيادتي آهي ته 2 ڪلوکنڊ ۽ گيهه به سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي پوءِ ڏنو وڃي ٿو.

April 18, 2022 at 11:18 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open