پنجاب اسيمبلي: (ن) ليگ ۽ تحريڪ انصاف جا ميمبر آمهون سامهون، تشدد سبب پرويز الاهي زخمي

لاهور: (ڇنڇر 16 اپريل 2022ع) پنجاب اسيمبلي ۾ هنگامي دوران ڪيترائي اسيمبلي ميمبر زخمي ٿي پيا آهن.
وڏ وزارت جو اميدوار چوڌري پرويز الاهي به هنگامي دوران تشدد سبب زخمي ٿي پيو. هنگامي دوران چوڌري پرويز الاهي کي ايوان مان ٻاهر ڪڍيو ويو جنهن کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پرويز الاهي منهنجي ٻانهن ڀڄي پئي آهي ۽ ان کان علاوه سيني تي ڌڪ به لڳا آهن. اپوزيشن پنهنجا بدمعاش گهرايا آهن. شريفن جو اصل چهرو سڀني ڏسي ورتو آهي. سموري معاملي ۾ پنجاب جو آءِ جي به ملوث آهي.
چوڌري پرويز الاهي الزام لڳايو ته مون پاڻ ڏٺو ته راڻا مشهود مون کي تشدد جو نشانو بنايو جڏهن ته حمزه شهباز کيس هدايتون ڏئي رهيو هو. منهنجي مٿان حملو ڪري جان کان مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته مان ڪٿي به وڃان منهنجي لاءِ ڪابه عدالت نه آهي. مون معاملو الله تي ڇڏي ڏنو آهي. پاڻمرادو نوٽيس ان لاءِ ورتو ويندو آهي جنهن جي ڪا سفارش هجي، اها آهي شريفن جي جمهوريت.

April 16, 2022 at 11:03 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open