سعودي شهزادي جو وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون، سعودي عرب دوري جي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: (ڇنڇر 16 اپريل 2022ع) وزيراعظم شهباز شريف کي سعودي شهزادي محمد بن سلمان سعودي عرب دوري جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.
سعودي شهزادي وزيراعظم شهباز شريف کي فون ڪري سعودي عرب دوري جي دعوت ڏني. محمد بن سلمان شهباز شريف کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ جي پڻ مبارڪباد ڏني. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، جڏهن ته شهباز شريف مبارڪباد تي سعودي شهزادي جو ٿورو ادا ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف حرمين شريفين جي متولي شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزادي محمد بن سلمان جو پڻ ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ٻطرفن ۽ عالمي فورمز تي تاريخي ۽ لاڳيتو حمايت ۽ تعاون تي سعودي عرب جو ٿورو ادا ڪيو. جڏهن ته شهباز شريف سعودي شهزادي کي يقين ڏياريو ته پاڪستان هر وقت سعودي عرب سان گڏ بيٺل هوندو.

April 16, 2022 at 11:02 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open