لاهور جي عدالت شهباز شريف ۽ حمزه کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ يارنهن اپريل تي طلب ڪري ورتو

لاهور:(سومر 04 اپريل 2022ع) عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ضمانت منسوخي واري درخواست رد ڪري ڇڏي. لاهور جي اسپيشل ڪورٽ سينٽرل ايف آءِ اي طرفان شهباز شريف جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز دليلن ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جي هدايت آهي ته اسيمبلي ميمبر جيڪڏهن اجلاس ۾ هجي ته عدالتون اڪاموڊيٽ ڪن. فريال ٽالپر جي ڪيس ۾ به سپريم ڪورٽ جو اهو فيصلو شامل ڪيو ويو آهي.
امجد پرويز چيو ته ڪنهن ماڻهو بي اعتمادي رٿ کان پوءِ قانون واري وزارت جي چارج سنڀالي ورتي. جيڪو هن ڪيس کي مانيٽر ڪري رهيو آهي، ڪنهن سيشن ۾ شرڪت ڪرڻي هوندي آهي ته ان کي رعايت ملندي آهي. شهباز شريف جي وڪيل چيو ته هڪ ماڻهو کي خوش ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست ڏني. جنهن کان پوءِ عدالت شهباز شريف جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ ايف آءِ اي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو ڪجهه دير کان پوءِ ٻڌائيندي ليگي اڳواڻ جي ضمانت منسوخ واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.

April 4, 2022 at 11:12 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open