ڪنڌڪوٽ ۾ معمولي تڪرار تان چاچي ٻن ڀائٽين کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:(جمعو 14 جنوري 2022ع) ڪنڌڪوٽ ويجهو چاچي معمولي تڪرار تان ٻن ڀائٽين کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.
رپورٽ موجب ضلعي ڪشمور جي تعلقي ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ چاڪرا آباد ۾ جوابدار مير زادا ڀنگوار گوليون هڻي ٻن سڳن ڀائرن ڪنبير ۽ ياسين کي قتل ڪري ڇڏيو. گوليون لڳڻ سبب شبير ۽ عبدالوحيد سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي ويجهي اسپتان ڏانهن منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي. پوليس اختيارين موجب واقعو ٻن خاندانن وچ ۾ غلط فهمي سبب ٿيو آهي.جهيڙي ۾ جديد هٿيارن سان هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي.

January 14, 2022 at 3:36 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 586
  • 3,524
  • 16,312
  • 16,312

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open