شهباز شريف قوم کي ٻڌائي ته ان جي اڪائونٽن ۾ رقم ڪٿان کان آئي ؟ شهزاد اڪبر

لاهور: (جمعو 14 جنوري 2022ع) شهزاد اڪبر چيو آهي ته شهباز شريف 10 سال پنجاب جو وڏو وزير رهيو. سندس ڪاروبار جو ٻارن کان ڪيئن پڇون؟ شهباز شريف قوم کي ٻڌائي ان جي اڪائونٽن ۾ رقم ڪٿان کان آئي؟
رمضان شوگرملز شهباز شريف ٺاهي. ٻارن نه. شهباز شريف کي ان بابت عدالت ۾ جواب ڏيڻ گهرجي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته شهباز شريف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. هن جيتريون درخواستون ڏنيون اهي رد ٿي ويون. شهباز شريف بينڪنگ ڪورٽ اسلام آباد ۾ پيش ناهي ٿيو. شوگر ڪميشن جي جاچ ۾ رمضان شوگرملز جا بي نامي اڪائونٽس سامهون آيا. شهباز شريف پارٽي اڳواڻ آهي. هن اڄ تائين سوالن جو جواب ناهي ڏنو.
شهباز شريف جو موقف آهي ته ڪاروباري معاملن جو ٻارن کان پڇو وڃي. شهباز شريف جيڪڏهن پنجاب جو 10 سال وڏو وزير نه رهي ها ته سندس ڪاروبار ۾ اضافو نه ٿئي ها. شهباز شريف جڏهن به وڏو وزير بڻجندو آهي سندس ڪاروبار ۾ به اضافو ٿيندو آهي. شهزاد اڪبر چيو ته شهباز شريف جو شريڪ جوابدار مسرور انور ان جا مالي معاملا ڏسندو هو. شهباز شريف قوم کي ٻڌائي ته ان جي اڪائونٽن ۾ رقم ڪٿان کان آئي؟
شهزاد اڪبر چيو ته نوازشريف اڄ تائين پنهنجي ميڊيڪل رپورٽ جمع ناهي ڪرائي. عدالت شهبازشريف کي حڪم ڪري سگهي ٿي ته هو نوازشريف کي واپس ملڪ آڻي.

January 14, 2022 at 3:35 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 15
  • 584
  • 3,522
  • 16,310
  • 16,310

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open